پارلرز ۽ شادي هالز تي فڪس ٽيڪس لڳائڻ جو فيصلو

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه حڪومت بيوٽي پارلرز ۽ شادي هالز تي فڪس ٽيڪس لڳائڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
ڪي پي ڪي جي روينيو اٿارٽي جي ترجمان موجب صوبي ۾ بيوٽي پارلرز ۽ شادي هالز تي پرسنٽيج بجاءِ فڪس ٽيڪس لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، شادي هالز ۽ بيوٽي پارلرز پنهنجي نظام موجب ماهوار ٽيڪس ڪيپرا ٽيڪس وٽ جمع ڪرائيندا.
فڪس سيلز ٽيڪس آن سروسز کان وصول ڪيو ويندو، جڏهن ته ريسٽورنٽس ۽ هوٽلن تي ڪريڊٽ ڪارڊ ذريعي پيمنٽ ڪرڻ وارن کي 15 سيڪڙو بجاءِ 13 سيڪڙو ٽيڪس ۾ آندو ويندو.
فيصلي موجب شادي هالز ۽ بيوٽي پارلرز کي ان جي سائيز ۽ ڪاروبار جي حيثيت سان ڪيٽيگرين ۾ ورهايو ويندو، جن تي سيلز ٽيڪس آن سروسز جا مختلف فڪسڊ ريٽ لاڳو ڪيا ويندا.
ناڻي واري صلاحڪار مزمل اسلم ٻڌايو ته فيصلي تي عملدرآمد سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي اعتماد ۾ وٺڻ کان بعد ڪيو ويندو، جيئن فيصلي کانپوءِ ڪو ڪاروباري شخص يا ادارو ٽيڪس چوري ۾ ملوث ٿئي ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.