ناڻي واري وزير جي ڊونلڊ لـُو سميت آمريڪي اختيارين سان ملاقات، معاشي سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ

واشنگٽن ( ويب ڊيسڪ ) ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جِي آمريڪا جَي ڏکڻ ۽ وچ ايشيائي معاملن بابت پرڏيهي وزير ڊونلڊ لـُو ۽ آمريڪي پرڏيهي کاتي جَي پرنسپل ڊپٽي اسسٽنٽ سيڪريٽري اليزبيٿ هورسٽ سان ملاقات ٿي جنهن ۾ پاڪ، آمريڪا لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ واشنگٽن جَي عزم جو ورجاءُ ڪيو ويو.
اها ملاقات ورلڊ بينڪ هيڊ ڪوارٽر ۾ ٿي جتي پرڏيهي وزير آمريڪي عهديدارن کي پاڪستان جَي سڌارن بابت ايجنڊا تي بريفنگ ڏني.
محمد اورنگزيب چيو ته ٽيڪس جي بنياد کي وسيع، توانائي جي شعبي کي هموار ڪرڻ ۽ نجڪاري ترجيح آهن.
ملاقات ۾ متبادل توانائي، زراعت، آب هوا ۽ ٽيڪ انڊسٽري جي معاملن تي به ڳالهيون ٿيون، ناڻي واري وزير پاڪ، آمريڪا اقتصادي ڀائيواري کي اپ گريٽ ڪرڻ تي به زور ڏنو.
ناڻي واري وزير آءِ ٽي، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي به ڳالهايو.
هن چيو ته پاڪستان يـُو ايس انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ فنانس ڪارپوريشن سان گڏجي ڪم ڪندو، پاڪستان ايگـِزم بينڪ سان به ڪم ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.