آپريشن رجيم ۾ سعودي عرب جو ڪو به ڪردار نه هو: عمران خان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن پي ٽي آءِ باني جي حوالي سان چيو آهي ته عمران خان بيان ڏنو آهي ته آپريشن رجيم ۾ سعودي عرب جو ڪو ڪردار ناهي.
اِها ڳالهه پي ٽي آءِ اڳواڻن عمران خان سان اڊيالا جيل ۾ ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان گفتگو ڪندي چئي.
صاحبزادا حامد رضا چيو ته اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني سان سياسي مشاورت ٿي شبلي فراز سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ هوندو، سندس نامزدگي ڪاغذ اڄ جمع ڪرايا ويندا.
هن ٻڌايو ته سعودي عرب طرفان آيل بيان بابت پي ٽي آءِ باني چيو ته اهڙي ڪا ڳالهه نه آهي، هن چيو آهي ته آپريشن رجيم ۾ سعودي عرب جو ڪو به ڪردار ناهي.
سندس چوڻ هو ته 6 جماعتي اجلاس 29 اپريل تي ٿيندو، جڏهن ته جلسن ۽ جلوسن جي شروعات پنجاب کان ڪنداسين.
پي ٽي آءِ اڳواڻ حسن رئوف چيو ته اسان کٽي چڪا آهيون ۽ دشمن هارائي چڪو آهي، هي آخري مرحلو آهي، تمام جلد عمران خان آزاد ٿي ٻاهر ايندو ۽ ملڪ جو وزيراعظم بڻجندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.