پيٽرول کانپوءِ سي اين جي به مهانگي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت پيٽروليم شين ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ کانپوءِ سي اين جي به مهانگي ڪري ڇڏي.
ايف بي آر سي اين جي تي سيلز ٽيڪس ۾ في ڪلو 11.70 رپيا واڌ ڪئي، جنهن کانپوءِ سي اين جي جي في ڪلو قيمت 331 رپيا ٿي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب ريجن 1 لاءِ سيلز ٽيڪس ويليو 140 مان وڌائي 200 رپيا، جڏهن ته ريجن 2 لاءِ سيلز ٽيڪس ويليو 135 مان وڌائي 200 رپيا في ڪلو ڪيو ويو آهي.
سي اين جي جي ريجن 1۾ خيبر پختونخواهه، بلوچستان، راولپنڊي، اسلام آباد، گوجر خان شامل آهن، جڏهن ته ريجن ٽو ۾ سنڌ سان گڏ پنجاب جا علائقا شامل آهن.
سڄي ملڪ ۾ هاڻ سي اين جي تي 200 رپيا في ڪلو جي حساب سان 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي.
ملڪ ۾ في ڪلو سي اين جي تي 36 رپيا جي حساب سان سيلز ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان کان اڳ في ڪلو سي اين جي تي گهٽ کان گهٽ سيلز ٽيڪس 24.30 رپيا لاڳو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.