عدالتن، اليڪشن ڪميشن سميت ڪنهن به اداري سان ڇڪتاڻ نه ٿا چاهيون :خواجا آصف

اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني ليڊر خواجا محمد آصف چيو آهي ته اسان عدالتن ۽ اليڪشن ڪميشن سميت ڪنهن به اداري سان ڇڪتاڻ نه ٿا چاهيون پر پنهنجي اداري جو دفاع ڪرڻ چاهيون ٿا، گلگت بلتستان هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس جيڪو حلفيه بيان ڏنو آهي هي ايوان ان جو نوٽيس وٺي،قومي اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته هڪ شخص کي کٽرائڻ لاءِ نوازشريف ۽ مريم نواز کي ناحق قيد ۾ رکيو ويو، رڳو سياستدان هڪ ٻئي کي ذبح ڪندا آهن، مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد چيو ته مسلم ليگ (ن) هڪ ڀيرو ٻيهر عدليه تي حملو ڪيو آهي، اهو انهن جو پراڻو شيوو آهي، انهن اهو مسئلو ان لاءِ اٿاريو آهي ته 17 نومبر تي مريم نواز جو ڪيس کلڻو آهي، نواز شريف، سندس پٽ ۽ اسحاق ڊار اشتهاري ۽ مفرور آهن، اهي ماڻهو ڦريل پئسو واپس ڪن منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته پي ڊي ايم کي ٽيون ڀيرو سردين جي موسمي بيماري وانگر هڪ ڀيرو ٻيهر مسئلو ٿيو آهي، اسان کي انهن کان ڪا پريشاني نه آهي، اهي واپس هلي ويندا ۽ انهن کي سياسي ”ڪُٽ“ ضرور پوندي، مون ڪنهن گروپ ۽ صحافي جو نالو نه ورتو رڳو پي ڊي ايم جي سهولتڪارن جي ڳالهه ڪئي آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.