تيل مهانگو ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي: شوڪت ترين

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناڻي بابت صلاحڪار شوڪت ترين چيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل مهانگو ٿيندو ته اسان به مهانگو ڪنداسين، ٻيو ڪو رستو ناهي.

ڪراچي ۾ تقريب سان خطاب ڪندي شوڪت ترين چيو ته حڪومت سنڀالڻ وقت معاشي ڏکيائيون هيون، ملڪ ۾ ڊالر نه هئا ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو هو پر آءِ ايم ايف پروگرام سبب معيشت مضبوط ٿي، ان دوران ڪورونا وبا پکڙجي وئي پر وزيراعظم عمران خان بهتر نموني وبا جو مقابلو ڪيو.

هن چيو ته عمران خان تعميرات، زراعت ۽ برآمدي صنعتن تي ڌيان ڏنو، جيئن وزيراعظم ڪورونا کي هينڊل ڪيو، ان جي سڄي دنيا تعريف ڪئي.

سندس موجب معاشي ترقي جي اوسر جي شرح گهٽجي ڏيڍ سيڪڙو تي اچي وئي هئي پر اسان جي حڪمت عملي سبب 21-2020 جي اوسر جي شرح 4 سيڪڙو تي آئي ۽ هاڻ اها شرح 5 ۽ 6 سيڪڙو تي آڻڻي آهي.

شوڪت ترين چيو ته سڀني لاءِ فائديمند ۽ پائيدار بنيادن تي ترقي چاهيون ٿا، ترقي يافته ملڪن 20 کان 30 سالن ۾ ترقي ڪئي، معاشي ماهرن کان پڇا ڪئي ته پائيدار ترقي ڇو نٿي ٿئي ته خبر پئي قومي بچت گهٽ، برآمدن ۽ درآمدن ۾ وڏو فرق هو.

هن چيو ته رپئي جي قدر ۾ گهٽتائي ۾ سٽي جو هٿ موجود آهي، سٽي باز ڊالر افغانستان سمگل ڪري رهيا آهيون پر آءِ ايم ايف پروگرام مڪمل ٿيڻ تي رپيو مستحڪم ٿي ويندو، مهانگائي 9 سيڪڙو جي حساب سان وڌي رهي آهي، عالمي مارڪيٽ ۾ تيل مهانگو ٿيندو ته اسان به مهانگو ڪنداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.