ماهوار پگهار 25 هزار رپيا ڪيو، ڪورنگي ۾پورهيتن جو احتجاج

ڪورنگي (رپورٽ : اميرجان چانڊيو) ڪورنگي ۾ فيڪٽري ورڪرن پاران پگهار ماهوار 25 هزار نه ڏيڻ خلاف احتجاج سرڪاري اعلان ۽ عدالتي حڪم باوجود فيڪٽري انتطاميه پاران 25 هزار پگهارنه ڏيڻ خلاف ڪورنگي جي گارمينٽس فيڪٽري صورتي جي ورڪرن ڪم ڇڏ هڙتال ڪري اسيمبلي ايريا ۾ گڏ ٿي احتجاج ڪندي پگهار 25 هزار ڏيڻ جي گهر ڪندي فيڪٽري انتطاميه جي زيادتي خلاف سخت نعري بازي ڪئي ان موقعي تي ورڪرن پورهيتن جو چوڻ هو ته موجوده مهانگائي واري دور ۾ هو گهر جو وهنوار هلائڻ لاء سخت پريشان آهن سندن وڌيڪ چوڻ هو ته وزير اعلي سنڌ سميت هاء ڪورٽ فيڪٽري ورڪرن کي گهٽ ۾ گهٽ 25  هزار پگهار ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي جنهن تي فيڪٽري انتطاميه عمل نه ڪندي پورهيت ورڪرن جو استحصال ڪري رهي آهي جڏهن ته فيڪٽري انتطاميه اهو چئي گهٽ پگهار ڏي پئي ته ليبر کاتي پاران لکت ۾ اهڙو آرڊر ناهي مليو هنن سرڪاري سميت ليبر کاتي جي صوبائي وزير سيڪريٽري ليبر ڊپارٽمينٽ کان گهر ڪئي آهي ته  معاملي جو نوٽيس وٺي ڪورنگي جي فيڪٽري مالڪن خلاف قانوني قدم کڻي ورڪرن سان انصاف ڪندي کين 25  هزار پگهار ڏيڻ تي عملدرآمد ڪرائي هزارين ورڪرن کي پنهنجو حق ڏياريو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.