ميرپورخاص ۾اينٽي ڪرپشن جا آفيسن تي ڇاپا

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) اينٽي ڪرپشن ميرپورخاص جي سرڪل آفيسر منظور ميمڻ جي ٽيم پاران فرسٽ جوڊيشنل مئجسٽريت ميرپورخاص نجيب الله سومرو جي اڳواڻي ۾ پراوينشل هاءِ ويز ۽ ڊسٽرڪٽ پاپوليشن آفيسر ميرپورخاص جي آفيسن تي ڇاپا هڻي ڪروڙين روپين جي مبينا ڪرپشن جي جانچ شروع ڪرڻ لاءِ رڪارڊ تعويل ۾ وٺي جانچ شروع ڪري ڏني آهي، اينٽي ڪرپشن ميرپورخاص جي ٽيم پاران ٻنهي آفيسن تي ڌار ڌار ڇاپا هڻڻ تي آفيسن ۾ ٿرٿلو مچي ويو ۽ ٻنهي آفيسن مان عملي جو وڏو انگ خوف وچان آفيسون ڇڏي کسڪي ويو، آفيس ذريعن موجب ميرپورخاص کان کاڻ روڊ ۽ اتان کان سنڌڙي باءِ پاس روڊ جيڪو 2016 کان ٺھڻ شروع ٿيو، جنھن جو ڪم اڄ تائين رولڙي جو شڪار آھي ۽ ڄاڻايل روڊ 24 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان ٺھڻو ھو پر پراونشل ھاءِ وي ڊويزن جي ڪرپشن سبب اھو روڊ اڃا تائين مڪمل ناھي ٿي سگھيو. اينٽي ڪرپشن کي ڪيل شڪايت ۾ اھو پڻ الزام لڳايو ويو آھي ته پراونشل ھاءِ وي ڊويزن جي عملدارن ۽ ھڪ ٺيڪيدار جي ملي ڀڳت سان پراڻي ٺاھيل روڊ جو ٻيھر  ڪروڙين روپين جو ٽينڊر ڪيو ويو ۽ ڪم مڪمل نه ٿيڻ بل پاس ڪيا ويا. ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمنٽ سنڌ جي هدايتن تي پراوينشل هاءِ ويز ۽ پاپوليشن آفيس تي ڇاپن جي حوالي سان رابطو ڪرڻ تي اينٽي ڪرپشن ميرپورخاص جي سرڪل آفيسر منظور ميمڻ ٻڌايو ته ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمنٽ سنڌ جي هدايتن تي سول جج ۽ جوڊيشنل مئجسٽريٽ ون ميرپورخاص سان گڏ ايگزيڪيٽو انجينئر پراوينشل هاءِ وي ڊويزن ميرورخاص جي آفيس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ تعويل ۾ وٺي جانچ شروع ڪري ڏني آهي هن چيو ته کاتي جي آفيسرن ۽ ملازمن پاران سرڪاري ٺيڪن ۾ رشوت عيوض من پسند ٺيڪيدارن کي ٺيڪا ڏيڻ، سرڪاري فنڊن تحت تعمير ٿيندڙ ترقيات اسڪيمن ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ ۽ آفيس جي مختلف فنڊن ۾ گھوبين جون شڪايتون مليون هيون جنهن تي جانچ شروع ڪري ڏني آهي جڏهن ته ڊسٽرڪٽ پاپوليشن جي آفيس تي پڻ ڇاپو هنيو ويو آهي شڪايتون آهن ته ڊسٽرڪٽ آفيسر پاپوليشن مير فرمان علي ٽالپر ۽ اڪائونٽنٽ پريم ڪمار پاڻ ۾ گڏجي سرڪاري فنڊن ۾ وڏي پئماني تي گھوٻيون هنيون آهن انهن پاران 21-2020 جي فنڊن مان سرڪاري ڊسپينسرين جي وڏي انگ جي بند هجڻ جي باوجود انهن جا فند لاڳياتا استعمال ڪري  جعلي بلن ذريعي خرچ ڏيکاريا ويا آهن جڏهن ته ٽي اي ڊي اي ، پيٽرول، مختلف سامان جي مرمت  جي نالي تي جعلي بل پاس ڪرايا ويا. هن چيو ته ٻنهي کاتن جو رڪارڊ تعويل ۾ وٺي رڪارڊ جي جانچ شروع ڪئي ويئي آهي جانچ دوران ثبوت ملڻ تي گھوبين ۾ ملوث عملدارن توڙي ملازمن خلاف قانون موجب ڪاروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته اينٽي ڪرپسن ميرپورخاص سرڪاري کاتن ۾ ٿيندڙ ڪرپشن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ته جيئن سرڪاري فنڊن ۾ گهوٻين ۾ ملوث ۽ عوام کي رشوت لاءِ تنگ ڪندڙ ڪامورن توڙي ملازمن کي قانون ۾ ڪٽهڙي ۾ آڻي ڪرپشن جو خاتمون ڪرائي سگھجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.