نيوزيلينڊ جي ٽيم انگلينڊ کي شڪست ڏئي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ پهچي وئي

 

ابو ظهبي (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي پهرئين سيمي فائنل ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم انگلينڊ کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي.

ابو ظهبي ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي انگلينڊ مقرر اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 166 رنسون ٺاهيون.

معين علي 51 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته ڊيوڊ ملان 41، جوز بٽلر 29، ليونگسٽن 17، بيئراسٽو 13، ڪپتان مورگن 4 رنسون ٺاهيون.

نيوزيلينڊ طرفان ٽم سائوٿي، ايڊم ملني، اش سوڌي ۽ جيمز نيشم هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.

جواب ۾ ڪيوي ٽيم گهربل هدف 19 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.

نيوزيلينڊ طرفان ڊيرل مچل 73 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي ناٽ آئوٽ رهيو، جڏهن ته ڊيون ڪونوي 46 ۽ جيمز نيشم 26 رنسن سان اڳڀرا رهيا.

انگلينڊ طرفان ووڪس، ليونگسٽن 2-2، جڏهن ته عادل رشيد هڪ وڪيٽ ورتي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.