حڪومت ۽ ڪالعدم ٽي ٽي پي ۾ سيز فائر معاهدي جو انڪشاف

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري انڪشاف ڪيو آهي ته حڪومت ۽ ڪالعدم ٽي ٽي پي مڪمل سيز فائر تي راضي ٿي چڪا آهن.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته وزيراعظم ٽي ٽي پي سان ڳالهين جو ذڪر ڪيو هو ۽ ڳالهين جي شروعات ٿي چڪي آهي، اهي ڳالهيون پاڪستان جي آئين تحت ٿي رهيون آهن.

هن چيو ته هڪ معاهدي تحت پاڪستان حڪومت ۽ ڪالعدم ٽي ٽي پي مڪمل سيز فائر تي راضي ٿي چڪا آهن، افغان عبوري حڪومت ڳالهين ۾ ڪردار ادا ڪيو آهي، ڳالهين ۾ رياست جي حاڪميت ۽ عوام کي حقن کي نظر ۾ رکيو ويندو.

سندس چوڻ هو ته ڳالهين ۾ متاثر علائقن جي عوام کي نظرانداز نه ڪيو ويندو، ڪا به حڪومت آئين ۽ قانون کان ٻاهر رهي ڳالهيون نٿي ڪري سگهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.