مهانگائي سبب پورهيت ماني کائڻ لاءِ پريشان آهي: نفيسا شاهه

خيرپور( ڊ ر )پاڪستان پيلپز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ پ پ ايم اين اي ڊاڪٽر سيده نفيسه شاھ جيلاني چيو آهي ته موجوده وزيراعظم ملڪ جو ڏيوالو ڪڍي ڇڏيو آهي غريب،پورهيت، مزدور ٻه ويلا ماني کائڻ لاءِ پريشان ٿي ويو آهي اهڙي ڳالھ هن ڳوٺ پير بخش سولنگي،شاهلڌاڻي،ايسن ڀيو،اڀڙي ۽ ٻين ڳوٺن جي طوفاني دوري دوان جلسن کي خطاب ڪندي ڪئي هن چيو ته ملڪي معشيت تباھ ٿي وئي آهي ڊالر جو اگھ روزانو چڙهي ٿو ۽ پئٽرول جون قيمتون به هر هفتي رات جي پيٽ ۾ وڌايون وڃن ٿيون جنهن جو اثر ملڪ جي معيشت تي پئي ٿو ۽ روز مره جي زندگي ۾ استعمال ٿيندڙ شيون چوٽ چڙهي ويون آهن کند 160روپيا في ڪلو وڪامي ٿي ۽ اٽو 90روپيا في ڪلو وڪامي ٿو ٽماٽر 250روپيا في ڪلو ٿي ويو آهي هن محل  ملڪي تاريخ ۾ پهريون دفعو مهنگائي جو طوفان اچي ويو آهي تنهن ڪري ملڪ جو عوام مڪمل طور تي موجوده حڪومت مان بيزار ٿي چڪو آهي ۽ جلد حڪومت پنهنجو پاڻ ختم ٿي ويندي ۽ سال 2022۾ ملڪ جو عام چوندون ٿينديو ۽ وزيراعظم پيپلزپارٽي جو بلاول ڀٽو زرداري هوندو ان موقعي تي پ پ اڳواڻ امان ڏنو ملاح،سليم الله سولنگي،منير منگي،رياض سولنگي،  پي وائي او ضلعه خيرپور جو ڊپٽي جرنل سيڪريٽري انور حسين ڦلپوٽو ۽ ٻيا موجود هيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.