مدافعتي قوت گهٽائڻ وارا کاڌا، بيمارين مان ڇوٽڪاري جو طريقو

مدافعتي نظام جسم کي مختلف بيمارين کان بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي ۽ انجي ڪري موت جا خطرا به گهٽجي ويندا آهن انڪري اهو انساني زندگي جي بقا جي لاءِ تمام ضروري آهي.

جڏهن مدافعتي نظام ڪمزور ٿيندو آهي ته جسم خطرناڪ بيمارين کان بچڻ جي لاءِ صحيح ڪم ناهي ڪري سگهندو ۽ انفيڪشن کان گهڻو متاثر ٿيڻ جا خطرا وڌي ويندا آهن.

فروٽ ۽ سبزيون واپرايو

صحت جي ماهرن جو ان حوالي سان چوڻ آهي ته فروٽ، سبزين، ان، خشڪ ميون ۽ ٻجن جو مناسب استعمال توهان جي مدافعتي نظام کي مضبوط رکندو آهي.

اهڙي ريت کائڻ پيئڻ جون ڪجهه اهڙيون به شيون آهن جن ۾ غذائيت تمام ٿوري هوندي آهي، انهن جو گهڻو استعمال توهان کي ٿولهه، ذيابطيس ۽ ٻين مسئلن جو شڪار بڻائي سگهي ٿو.

ڪولڊ ڊرنڪ جو استعمال

جيڪڏهن توهان جي خواهش آهي ته پنهنجي مدافعتي نظام کي بهتر ۽ مضبوط بڻايو ته سڀ کان اڳ سوڊا مطلب ڪولڊ ڊرنگ جو استعمال مڪمل طور بند ڪيو.

سافٽ ڊرنڪ يا ٻين مشروبات ۾ کنڊ تمام گهڻي هوندي آهي، جيڪا ٿولهه سان گڏ توهان کي ڪيترين ئي ٻين بيمارين جو شڪار بڻائي سگهي ٿي ۽ مدافعتي نظام کي ڪمزور ڪري سگهي ٿي.

کنڊ جو استعمال گهٽايو

کنڊ جو گهڻو استعمال شگر سميت سوڄ جو سبب به بڻبو آهي جنهن سان مختلف بيمارين مان منهن ڏيڻ جي صلاحيت ختم ٿي ويندي آهي.

سافٽ سان گڏ هارڊ ڊرنڪس به مدافعتي نظام جي لاءِ زهر ۽ قاتل آهن.

ان سان گڏ نشي واري شين جي استعمال سان توهان جي جسم ۾ بيمارين سان منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو جنهن سان طاقت ختم ٿي ويندي آهي.

جنهن سان توهان کي نمونيا ۽ ڦڦڙن جون بيماريون به ٿي سگهن ٿيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.