ڪراچي ۾ سراج دراني جي رهائش گاهه تي ڪارروائي خلاف ڳڙهي ياسين ۾ هڙتال

نيب اختيارين پاران سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي ڪراچي واري رهائشگاھ تي ڪارروائي خلاف ڳڙهي ياسين ۾ شهرين  پاران پاڻمرادو شهر ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي وئي ،شهرين مک بازار، محمدي چوڪ، شاهي بازار، ڊکڻ ناڪو، مڇيءمارڪيٽ، سبزي مارڪيٽ سميت سموري شهر کي بند ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي دلشاد ڀٽي.عمر الدين ملڪ، محمد طاهر پنهور، يوسف راچپوت ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان کي عدالت مان انصاف جي اميد آهي، نيازي حڪومت کي خوش ڪرڻ لاءِ نيب ڪاروائي ڪئي آهي نيب  سياسي انتقام وٺي رهي آهي، آغا سراج دراني غريب نوجوانن کي روزگار ڏنو آهي جيڪو نيازي حڪومت کان برداشت نه ٿيو آهي جنهن ڪري ڪاورائي ٿي آهي-، هنن چيو ته  آغا سراج دراني جو ڏوھ اهو آهي ته هن بيروزگارن کي روزگار ڏنو، هنن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کان مطالبو ڪيو ته نيب جي سياسي انقامي ڪاروائين خلاف پاڻمرادو نوٽيس ورتو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.