ڄام ڪمال جي وزيراعظم سان اهم ملاقات

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان چيو آهي ته هن پارٽي صدارت تان استعيفيٰ ناهي ڏني  پر پارٽي صدارت ڇڏڻ جو اشارو ڏنو هو.

پارليامينٽ هائوس اسلام آٻاد ۾ ڄام ڪمال خان وزيراعظم عمران خان سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي بلوچستان ۾ جاري سياسي عدم استحڪام خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ ڪئي وئي.

وزيراعظم سان ملاقات کان اڳ ۽ بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڄام ڪمال چيو ته آئون پارٽي صدارت تان استعيفيٰ ناهي ڏني پر پارٽي صدارت ڇڏڻ جو امڪان ظاهر ڪيو هو، هارس ٽريڊنگ جو الزام درست نه آهي، اتحادي ۽ ناراض ميمبرن مان ڪجهه ماڻهو مون سان گڏ آهن.

هن چيو ته  هو بي اعتمادي رٿ سان منهن ڏيندو، بي اعتمادي واري تحريڪ تي ووٽنگ ٿيندي، ان سلسلي ۾ ايندڙ 2 کان 3 ڏينهن ۾ صوبائي اسيمبلي جو اجلاس گھرائي رهيا آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.