لعلو رائنڪ: پوليس پاران نوجوان کي کنڀي وڃڻ خلاف امڙ جون دانهون

لعلورائنڪ لڳ ڳوٺ جعفراڻي ۾ پوليس پاران پورھيت روشن ٽوٽاڻي جي گھر ۾ داخل ٿي نوجوان محمد علي ٽوٽاڻي  کي کنڀي کڻي وڃڻ خلاف نوجوان جي امڙ صدوران خاتون پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪيو، ان موقعي تي هن ٻڌايو ته پوليس چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪندي گھر ۾ داخل ٿي ننڊ ستل پٽ کي کنڀي کڻي وئي آهي پوليس گھر ۾ چورن وانگر داخل ٿي آهي ۽ سي ڊي موٽر سائيڪل پڻ ڪاھي ويا آهن، پٽ ڪنهن به غلط عمل ۾ ناهي رھيو اسان غريب پورھيت آھيون ۽ پوليس بنا جاچ جي چورن وانگر گھر ۾ ڪاھي پئي ۽ پٽ کي کنڀي وئي آهي، هن اعليٰ اختيارين، آئي جي سنڌ ـ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ـ ايس ايس پي قمبر  کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي ناحق گرفتار پٽ کي آزاد ڪرايو وڃي، ھوڏانھن اطلاع آهن ته پوليس پارٽي ڪجھ راھ گير ڳوٺاڻن کي پڻ کنڀي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.