برطانوي عدالت ۽ نوازليگ جي خوشي

تحرير: حاڪم نصيراڻي

دنيا جي سياسي صورتحال تبديل کي ٿيڻ ۾ وقت ناهي لڳندو . ڪڏهن عوام جي روين جي ڪري حالتون تبديل ٿينديون آھن ته ڪڏهن منصفن جي قلم مان لکيل فيصلا تاريخ ٺاهي ڇڏيندا آهن. عدالتي فيصلا سياستدانن جي مستقبل جو فيصلو ڪندا آھن۔ گذريل ڏينهن اهڙو ئي هڪ فيصلو برطانوي عدالت طرفان آيو آهي جنهن جو اثر سڌو سنئون پاڪستان جي سياست تي پوندو. هن فيصلي کان پوءِ  پاڪستان جي سياسي صورتحال تبديل ٿي سگهي ٿي.

برطانوي نيشنل ڪرائم ايجنسي عدالت ۾  شهباز شريف ۽ سندس پٽ سلمان شهباز خلاف مني لانڊرنگ بابت ڪيل تحقيقي رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آھي۔ ان رپورٽ ۾ ٻن سالن کان شھباز شريف ۽ سلمان شھباز جا منجمد اڪائونٽ بحال ڪرڻ جي استدعا ڪئي وئي.

ان رپورٽ کان پوءِ  ملڪ ۾ هڪ نئين بحث جي شروعات ٿي وئي آهي. حڪومت توڙي نوازليگ جا اڳواڻ مختلف ڳالهيون ڪري هڪ ٻئي کي ڪوڙو ڪرڻ جا جتن ڪن پيا۔ ان مسئلي تي اڳتي هلي ڳالهايون ٿا پر اھو ضروري آھي ته ڪجهھ شيون اوهان کي ياد ڏياريندو هلان۔ ملڪ ۾ انصاف جي نالي تي ٺھيل پارٽي 25 سالن جي ڊگھي جدوجھد کان پوءِ  نيٺ  ملڪ تي حڪمراني قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي۔ ماڻھن ۾ اميد جي ھڪڙي نئين جوت جلڻ شروع ٿي، وزيراعظم ٿيندڙ عمران خان کي لوٽا گڏ ڪرڻ وارو ڏواھ به اهو چئي معاف ڪيو ويو ته ڀل ٽيم ڪمزور هجي پر ڪپتان بهادر هجڻ گهرجي جيڪو مشڪل حالتن ۾ سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري سگهي.  انھي ڳالھه کي ذهن ۾ رکندي ، عوام سندس فيصلن تي صبر ڪندي رهي ته متان اڳتي هلي ڪو ڀلو ٿي پئي۔  وزير اعظم ٿيڻ کان اڳ ۽ پوءِ  عمران خان هميشه اهو چوندو رهي ٿو ته مان چورن کي نه ڇڏيندس. منھنجي جنگ مافيا خلاف آھي لٽيل دولت انھن جي نڙي مان ٻاهر ڪڍندس انهن چورن، لٽيرن  ۽ قومي غدارن کي ڪنهن به حالت ۾ اين آر او نه ڏيندس.  اھي سڀ ڳالهيون سٺيون ھيون جيڪي عام ماڻھوءَ کي پسند پئي آيون. هر ڪو خوش ھو ته هاڻي پاڪستان بدلجي ويو آهي. پيپلز پارٽي مسلم ليگ ۽ مارشلائن کان جان ڇٽي ۽ ڪو نئون ماڻھون نئين نعري سان ملڪ ۽ قوم جي حالت تبديل ڪرڻ لاءِ  عملي طور ميدان ۾ لهي پيو آھي ۽ ڪوشش ڪري پيو ته جئين ملڪ ترقي طرف وک وڌائي.  پر اسان سڀني ڏٺو ته اسان جي اميد جي لاٽ اجهامندي وئي احتساب بدران، پ پ ۽ نواز ليگ سميت مختلف سياسي مخالفن کي رڳڙي ۾ آندو۔ پ پ پ توڙي نواز ليگ جي اعليٰ قيادت کي جيل اماڻيو ويو پر آهستي آهستي جڏهن انهن جا ڪيس عدالتن ۾ ھلڻ شروع ٿيا ته ڪيس ڪمزور هجڻ ڪري سڀني جوابدارن کي  ضمانتن عيوض آزادي نصيب  ٿي جيڪي ڪورٽن جي حاضرين کانپوءِ  آزادفضائن ۾ گھمي رهيا آهن عدالتن طرفان جوابدارن کي ضمانتون ملڻ باوجود عمران خان وڏي واڪي اعلان ڪري رهيو آهي ته مان اين آر او نه ڏيندس. آصف علي زرداري محمد نواز شريف، شهباز شريف، خواجه سعد رفيق، خواجه آصف، رانا ثناءُ الله، فريال ٽالپر مطلب ته خورشيد شاهه کان سواءِ اڪثر نامور اڳواڻ آزاد آھن۔ . کنڊ چور ، اٽو چور ۽ بجلي چور جون صدائون بلند ڪيون ويون آھن پر ٽن سالن کان پوءِ  به حڪومت ڪنهن به جوابدار خلاف ڪجھ به  ثابت نه ڪري سگهي آهي ته اصل ڏوهي ڪير آهن.  اڃا تائين ، ڪنهن کي سزا به نه ڏني وئي آهي.

حڪومت جو احتساب هاڻي احتساب نه رهيو آهي اهو بس سياسي انتقام نظر پيو اچي. چورن کي چور ثابت ڪرڻ لاءِ  حڪومت پراسيڪيوشن جي نالي تي قومي خزاني کي تمام گھڻو نقصان پھچايو آھي، جنھن جو بار به سڌو سنئون عوام تي پئجي رھيو آھي. مهانگائي ڏينهون ڏينهن وڌندي پئي وڃي  بيروزگاري کان تنگ ٿي ماڻھو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي رهيا آهن.  جيڪڏهن احتساب آهي ته پوءِ  ٿيڻ گهرجي ، پر عوام کي هن طريقي سان بيوقوف نه بڻايو وڃي، سياسي انتقام کي احتساب جو نالو نه ڏيو۔ احتساب ڪيو ته سڀ جو ڪيو باقي پنهنجن کي ڇڏي ڏيو ۽ مخالفن کي لتاڙيو اهو غيرمناسب  طور آھي.

هاڻي اچون ٿا پنهنجي اصل موضوع طرف ته شهباز شريف ۽ سندس پٽ سلمان شهباز خلاف مني لانڊرنگ ڪيس جيڪو ڊسمبر 2019 ۾ شروع ٿيو هو ٻن سالن جي سخت کوج کان پوءِ  اهو ڪيس ائين ختم ٿيندو اهڙي اميد گهٽ ۾ گهٽ پي ٽي آءِ کي نه هئي.  نيشنل ڪرائم ايجنسي پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته هن برطانيا سميت ٻين ملڪن ۾ انهن پيءُ  پٽ خلاف جاچ ڪئي آهي ، پر 20 سالن جي رڪارڊ جي ڇنڊڇاڻ  کانپوءِ  کين  ڪنهن به قسم جي غير قانوني مني لانڊرنگ جا ثبوت نه مليا آھن، تنهن ڪري مجمد ڪيل اڪائونٽس بحال ڪيا وڃن.عدالت پيءُ ۽ پٽ جا مجمد اڪائونٽ بحال ڪري ڇڏيا۔ ان فيصلي کان پوءِ  نواز ليگ ڪپڙن ۾ نه پئي ماپي سندن اڳواڻ ان فيصلي کي پاڪستان ۾ سياسي ۽ اخلاقي فتح قرار ڏيئي رهيا آھن .ان جي ابتڙ ، حڪومت جو موقف اهو آهي ته اسان ڪيس ۾ ڌر ئي نه هئاسين ۽ اسان جو ان ڪيس سان ڪو واسطو ناهي. ن ليگ پاڻ کي پاڻ مبارڪون پئي ڏئي، پر چوڻ وارا اهو چئي رهيا آهن ته نيب لاهور نيشنل ڪرائم ايجنسي جي تمام گهڻي مدد ڪئي هئي هاڻي ناڪامي جي صورت ۾ ھٿ ڪڍي وئي آھي.

ھن فيصلي بابت قومي ميڊيا ۾ گھڻو بحث ٿي رھيو آھي سياسي طور باشعور ماڻھو ان کي نوازليگ لاءِ  بهتر سمجهن ٿا. ھڪڙو عام تاثر اھو به آھي ته برطانيا جون عدالتون ٽين دنيا جي عدالتن وانگر  ڪنٽرولڊ ناھن جتي طاقتور ماڻھو پنھنجي پسند جا فيصلا ڪرائي  سگھن ، تنھنڪري ھي فيصلو پاڪستاني عدالتن جي ڪيسن تي به اثرانداز ٿي سگھي ٿو.  جيڪڏھن پاڪستان جي ڪا به عدالت نواز ليگ جي قيادت جي خلاف فيصلو ڏئي ٿي ته نواز ليگ برطانوي عدالت جي ان فيصلي کي سياسي طور ڪيش ڪرائيندي ۽ عوام آڏو پنهنجي مظلوميت ظاهر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ته اسان کي انصاف نه مليو پر اسان کي سياسي انتقام جو نشانو بڻايو ويو آهي.

سوچڻ جي ڳالھه اها آهي ته حڪومت جي ٽن سالن جي ڪارڪردگيءَ ۾ ڪا اهڙي شيءِ شامل ناهي جيڪا قابل ذڪر هجي. بس جيڪڏهن ڪنهن ڳالھه جو ذڪر گهڻو ليکيو ويندو ته اهو آھي وزيرن مشيرن جو ڪوڙ۔ جيڪي عوام کي گمراهه ڪرڻ لاءِ  ڪوڙ ڳالهائيندي به هٻڪ محسوس نه پيا ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.