شهدادپور ۾ آبادگارن جون پاڻي چوري خلاف دانهون

شهدادپور (ن ع آ) تر جا بااثر زميندار عبدالعزيزولد نورمحمد جلالاڻي عبدالعزيز جلالاڻي  سندس هاري غلام علي خاصخيلي ولد محمد خاصخيلي جيڪي هر هفتي شاخ ۾ ونجي هڻي پاڻي چوري ڪن ٿا پاڻي نه ملڻ سبب اسان جا پوکيل فصل تباه پيا ٿين اهڙيون دانهون ڳوٺ محمد هاشم  خاصخيلي جي آبادگار خان بهادر ولد محمد ابراهيم خاصخيلي ميڊيا آڏو ڪيو هن چيو ته اهي ماڻھو نشان ڏيڻ لاء پنهنجا چاڙتا وٺي ٿا اچن جنهن جي ڪري جاني نقصان ٿي سگهي ٿو هن چيوته مون لکت ۾ ايريگيشن کي جي اختيارين کي آگاه ڪيو آھي ۽ وقت به وقت مون سان ٿيندڙ ظلم ۽ زيادتي کان وس وارن کي آگاه ڪيو آھي هن چيو ته مون حد جي بيلدار کي آگاه ڪيو ته مزڪوره ماڻھو غيرقانوني 3 فٽ ونجي هڻي پاڻي چوري ڪن مون هنن کي منع ڪئي ته هنن مون کي موت مار ڌمڪيون ڏنيون تون ڪنهن کي شڪايت ڪندي ته توکي زنده نه ڇڏينداسين آئون وس وارن کي اپيل ٿو ڪيان ته هنن ماڻھن خلاف قدم کي انصاف ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.