شهدادڪوٽ ۾عوامي شڪايتن تي 4 اهلڪارن جي انڪريمنٽ ختم

شھدادڪوٽ ( ڊر ) ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ ڊاڪٽر سمير نور چنا پاران عوامي شڪايتن تي چئن پوليس اھلڪارن جي ھڪ سال جي انڪريمينٽ ختم ڪري ڇڏي ۽ 8  ایس ایچ اوز کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا, ڪالھ ایس ایس پي آفيس قمبر شھدادڪوٽ ۾ پوليس جي او آر دوران ايس ايس پي ڊاڪٽر سمير نور چنا عوامي شڪايتن تي چئن پوليس اھلڪارن نیاز چانڈیو,نعمت اللہ نانگراج، رضا محمد نائچ ۽ لطف اللہ مغیري جي ھڪ ھڪ سال جي انڪریمینٽ ختم ڪري ڇڏي,جڏهن ته 8 ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا آهن جنهن ۾ قمبر, شھدادڪوٽ,سجاول جوڻيجو, نصيرآباد,گاجي کھاوڙ ۽ ٻيا شامل آهن,ان موقعي تي ايس ايس پي ڊاڪٽر سمير نور چنا صحافين کي ٻڌايو ته ضلعي قمبر شھدادڪوٽ ۾ امن امان برقرار رکڻ منهنجي اول ترجيح آهي جنهن لاء پوري ضلعي جي پوليس کي امن امان تي مڪمل ضابطو آڻڻ لاء سختي سان ھدايتون ڪيل آهن ته جيئن ڪو اڻ وڻندڙ واقعو پيش نه اچي,ايس ايس پي وڌيڪ چيو ته ضلعي پوليس آفيس ۾ شڪايتي سيل قائم آهي جتي روزانو جي بنياد تي پوليس خلاف پھتل شڪايتن جو جائزو ورتو ويندو آهي جنهن به اھلڪار تي ناجائزي ثابت ٿيندي آھي ته ان خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي آهي .ان حوالي سان چئن اھلڪارن جي شڪايت ملڻ تي کين ھڪ ھڪ سال جي انڪريمينٽ ختم ڪئي آهي ۽ 8 ايس ايڇ اوز کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.