ڪي اين شاهه ۾بجلي جي هٿرادو لوڊشيڊنگ، ڪاروبار تباهه، ڌرڻو

خيرپورناٿن شاھ (  ن ع آ ) خيرپورناٿن شاھ شهر جي سٽي ٽو ۾ سيپڪو پاران 18 ڪلاڪ هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪرڻ خلاف شهرين واپارين، درزين پاران شاهي بازار کان جميل لاکير، وقار ٻگهيو، جاويد ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي  مظاهرو ڪري علمدار چونڪ ساهمون مک روڊ تي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي اڳواڻن دانهيو ته ايس ڊي او  سيپڪو خيرپورناٿن شاهه شهر جي سٽي ٽو ۾ اڻ اعلانيا 18 ڪلاڪ هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪرڻ سبب اسان جا ڪاروبار تباهه ٿي ويا آهن هڪ شهر ۾ سيپڪو ايس ڊي او جو ٻٽو نظام لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، سٽي ٽو ۾ هٿرادو لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي جنهن جي ڪري اسين بيروزگار ٿي ويا آهيون، اسان جي ٻچن جو گذر سفر  نٿو ٿي بجلي ناهي ته اسان ڪم نه ٿا ڪري سگهون،  سيپڪو جي ناجائزين جي ڪري شهر ۾ ڪاروبار زندگي مفلوج بڻجي وئي آهي، سيپڪو جون اعليٰ اختياريون نوٽيس وٺن نه ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.