ڊيوٽيون نه ڪندڙ ملازم موت مار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن: ٽائوس آفيسر

ميروخان (ن ع آ) ميروخان ٽائون ڪاميٽي جي ٽائون آفيسر شڪيل احمد وسطڙو پريس ڪلب ميروخان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته ڊيوٽيون نه ڪندڙ وائيٽ ڪالر ملازمن جون پگهارون بند ڪيون آهن ته موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته جاويد مگسي ، سليم لغاري ۽ ٻيا وائيٽ ڪالر ڊيوٽيون نه ڪندڙ ملازم  پگهارون جاري ڪرائڻ لاءِ آفيس ۾ اچي حراسان ڪري رهيا آهن ۽ ڌمڪيون ڏين ٿا جنهن ڪري منھنجي جان کي خطرو آهي ٽائون آفيسر شڪيل احمد وسطڙو چيو ته ٽائون آفيس ۾ ٽوٽل 410 ملازم آهن جن مان 98 گوسڙو ۽ وائيٽ ڪالر ملازمن جي پگهار بند ڪئي آهي جنهن کان پوءِ وائيٽ ڪالر ۽ گوسڙو ملازم ڊيوٽيون ڪرڻ بدران ڌمڪائي پگهار وٺڻ چاهين ٿا پر ائين نه ٿيندو شڪيل احمد وسطڙو چيو ته هڪ پاسي ماهوار بجيٽ ٿوري آهي جنهن مان ٽوٽل ملازمن جي پوري پگهار ڪرڻ به مشڪل آهي ته ٻي پاسي وائيٽ ڪالر ۽ گوسڙو ملازم ٽائون جي بجيٽ تي بار بڻيل آهن هن چيو ته ڪجھ به ٿي پوي ڊيوٽيون نه ڪندڙ ملازمن کي ڊيوٽي ڪرڻ کان بنا پگهار نه ڏيندس نه ئي بليڪ ميلنگ ۾ ايندس ٽائون آفيسر شڪيل احمد وسطڙو صوبائي وزير بلديات ، چيف جسٽس، سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ، ڊي سي قمبر شھدادڪوٽ کان مطالبو ڪيو آھي ته نوٽيس وٺي ڌمڪيون ڏيندڙ گوسڙو ملازمن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.