ليلا جا آتڻ تي لڳل بورڊ ڏڦيڙي پٽي ويا، پوليس قبضِي مافيا جي ڌر بڻيل

اڪري چودڳي (ن ع آ)  اڪري ڀرسان واقع قائم قديمي تاريخي ماڳ ليلا جا آتڻ تي لڳل سرڪاري سائن بورڊ نامعلوم شر پسند اکيڙي کڻي ويا تاريخي ماڳ تي لڳل لوهي سائن بورڊ آري بليڊ سان پاڙ کان ڪٽي چوري  ڪيو ويو تاريخي ماڳ جي کوٽائي لاء هڪ ڪروڙ جو ٽينڊر منظور ٿيڻ بعد سائن بورڊ آرڪيالاجي کاتي پاران لڳايو ويو هو جيڪو ڪجھ ڏينهن اڳ پڻ اکيڙڻ جي ڪوشش ناڪام ٿيڻ بعد بورڊ تي لڳل پينا فليڪس ڦاڙيو ويو هوجڏهن تہ سول جج فيض گنج نظام الدين اڄڻ پڻ اڪري پوليس کي حڪم نامون جاري ڪندي ماڳ تي آرڪيالاجي کاتي جي ملازمن کانسواء خانگي ماڻهن جي اچ وڃ تي پابندي هڻي ماڳ جي ۽ماڳ تي ڪم ڪندڙ ملازمن کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ روزانو جي بنياد تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو چيو هوجنهن بعد  ڪجھ ڏينهن اڳ آرڪيالاجي کاتي پاران مقرر پروجيڪٽ ڊائريڪٽر پروفيسر غلام مصطفي شر کي۽ آرڪيالاجي شاگردن کي اڪري پوليس خانگي ماڻهو ڄاڻائي ڪم بند ڪرائڻ سان لڳل ڪئمپ پڻ پٽرائي ڇڏي هئي ۽کين ڪم ڪرڻ کان روڪيو ويو هوان سلسلي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر  آرڪيالاجي غلام حسن بڙدي صحافين کي ٻڌائيندي چيو تہ اڪري پوليس وانگارو بڻجي اسان جي ملازمن کي ڪم کان روڪيو۽ جنهن بعد قبضا مافيا ماڳ تي لڳل سرڪاري سائن بورڊ سان گڏ ماڳ جي کوٽائي دوران دريافت ٿيل گهرن جون سرون ۽کوٽائي لاء لڳل ٽرينچ پڻ اکيڙي ڇڏيا آهن اڪري پوليس قبضا مافيا جي ڌر بڻجي آرڪيالاجي وارن کي ڪم کان روڪي قبضا مافيا کي پروٽوڪول ڏيئي ماڳ جو نقصان ڪرائي رهي آهي هوڏانهن ماڳ تي مقرر پروجيڪٽ ڊائريڪٽر پروفيسر غلام مصطفي شر موجب ايس ايس پي خيرپور ڊي ايس پي هيڊ ڪوارٽر۽اڪري پوليس قبضا مافيا کي ماڳ تي قبضو ڪرائڻ لاء سهولت ڪار بڻيل آهن پر اها انهن جي ڀل آهي اسان پنهنجي ماڳن کي بچائڻ لاء جدوجهد جاري رکنداسين ۽آڪٽومبر ۾ بيرون ملڪ آثار قديمہ جا ماهر ماڳ جي دوري تي ايندا ۽ماڳ تي ميوزيم قائم ٿيندو کوٽائي ٿيندي قبضا مافيا ڪنهن بہ صورت ماڳ تي قبضو ڪرڻ نہ ڏنو ويندو ڪيس ڪورٽ ۾ هلندڙ ۽فتح اسان جي ٿيندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.