”ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي جو ڪارو قانون منظور ٿيڻ نه ڏينداسين“

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ رضا رباني چيو آهي ته پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي ڪارو قانون آهي، جيڪو ڪنهن به صورت ۾ منظور ٿيڻ نه ڏينداسين.

پي ايم ڊي اي خلاف صحافين جو پارليامينٽ هائوس اڳيان ٻئي ڏينهن به ڌرڻو جاري آهي، جتي شرڪت ڪندي پ پ اڳواڻ رضا رباني چيو ته هيءَ صحافين جي نه پيڙهيل عوام جي جدوجهد آهي، ان ڪاري قانون کي قبول نه ڪنداسين.

پ پ اڳواڻ شيري رحمان چيو ميڊيا آزاد نه هوندي ته جمهوريت جو ڳلو به گُهٽجي ويندو، ملڪي تاريخ ۾ صحافين لاءِ پهريون ڀيرو پارليامينٽ گيلري بند ڪئي وئي آهي، پريس گيلري ڪڏهن مارشل لا ۾ به بند نه ٿي.

واضح رهي ته پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي خلاف صحافين گذريل ڏينهن پارليامينٽ سامهون ڌرڻو هنيو هو، جڏهن ته اڄ به انهن جو احتجاج جاري آهي.

صحافين جي احتجاج ۾ پ پ، ن ليگ سميت ٻين اپوزيشن جماعتن جي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي ۽ انهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.