ڪنڊيارو: آل پارٽيز الائينس پاران شهر جي بنيادي مسئلن خلاف ريلي، احتجاج

ڪنڊيارو ۾ آل پارٽيز الائينس پاران سرڪاري ملڪيتن تي قبضن ۽ حددخلين ۽ شهر جي بنيادي مسئلن خلاف حتجاجي ريلي ڪڍي  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

آل پارٽيز الائينس پاران پراڻي ٽائون ڪاميٽي کان الھورايو ڪلو،انور علي سولنگي، ذوالفقار ملاح ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته شھر ۾ سرڪاري ملڪيتن تي قبضا ڪيا پيا وڃن،  حددخلين جو آزار ڏينهنون ڏينهن وڌي رهيو آھي پر انتظامي عملدار آفيسن تائين محدود آھن،

هنن چيو ته شهر ۾  ڊرينيج جو نظام تباهه، اسپتالن ۾ سهولتن جي کوٽ، شهر ۾ صفائي سٿرائي نه هجڻ سميت اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جي آزار شهرين جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي.

احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ته شهر جي بنيادي مسئلن سميت قبضن ۽ حددخلين جو نوٽيس مسئلا حل ڪيا وڃڻ ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.