وائڙائپ جون حدون پار، ڀارتي فوج اداڪار شان ۽ عمير جسوال کي شهيد فوجي قرار ڏئي ڇڏيو

 

ڀارتي فوج جي (ر) ميجر جنرل هرشا ڪڪڙ ناليواري پاڪستاني اداڪار شان شاهد ۽ گلوڪار عمير جسوال کي پاڪ فوج جا آفيسر سمجهي افغانستان جي پنجشير صوبي ۾ شهادت جي دعويٰ کي حقيقت مڃي ورتو.

ڀارت جي ميجر جنرل (ر) جي ڊي بخشي طرفان هڪ ٽوئيٽ ڪيو ويو جنهن ۾ هن لکيو آهي ته پنجشير ۾ ويڙهه دوران پاڪستان کي وڏي جاني نقصان سان منهن ڏيڻو پيو آهي.

هن لکيو ته پنجشير ۾ پاڪستان جا ست آفيسر، 12 جونيئر آفيسر ۽ 75 ڪمانڊوز شهيد ٿيا آهن جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.

جي ڊي بخشي جي ان ٽوئيٽ کي شيئر ڪندي ”فوجي ڊاڪٽر“ نالي فيڪ اڪائونٽ پاڪستاني فلم يلغار جي هڪ تصوير شيئر ڪئي جنهن ۾ شان شاهد، عمير جسوال ۽ بلال اشرف موجود آهن.

ان اڪائونٽ طرفان وائڙائپ جي حد پار ڪندي دعويٰ ڪئي وئي ته ميجر اعجاز(شان) ۽ ڪيپٽن جعفر(عمير جسوال) منهنجا ڪلاس فيلو هئا جيڪي پنجشير ۾ شهيد ٿي ويا آهن

اها دعويٰ ڪئي وئي ته انهن جي پشاور ۾ تدفين ڪئي وئي آهي.آءِ ايس پي آر اهڙي معاملي کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي اهي ٻئي وڏي بهادري سان وڙهيا.

ٻئي پاسي ميجر جنرل (ر) هرشا ڪڪڙ بنا تصديق جي اهو ٽوئيٽ شيئر ڪري ڇڏيو ۽ پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇڻ شروع ڪري ڏنو.

اداڪار شان شاهد ٽوئيٽس تي جواب ڏيندي فوجي لباس ۾ تصوير شيئر ڪئي ۽ ٽوڪ واري لهجي ۾ ”هيلو“ چيو.

پاڪستاني سوشل ميڊيا واهپيدار به ڀارتي آفيسرن جي اهڙي وائڙائپ واري حرڪتن مان لطف اندوز ٿي رهيا آهن ۽ ان واقعي تي ڪيترائي ميمز ٺهي چڪا آهن، شان شاهد به ان پنهنجي انسٽاگرام تي شيئر ڪيو جنهن تي ڪيترن ئي شوبز شخصيتن طرفان تبصرا ڪيا پيا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.