گمبٽ، پکي، ڀان سيد آباد ۽ ميرپوربٺوري جون خبرون

گمبٽ: ناليواري پروڊيوسر ۽ هدايتڪار طاهر آرائين جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو

پکو: چانڊيا اتحاد پاران پوليس هٿان مارجي ويل نوجوان جي قتل ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو

ڀان سيد آباد: آبادگارن پاران پاڻي جي کوٽ خلاف ڌار ڌار ريليون، ڌرڻو

ميرپوربٺورو: پ پ شهيد ڀٽو پاران مير مرتضيٰ ڀٽو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ بک هڙتال ڪيمپ قائم

01

گمبٽ پريس ڪلب ۾ لطيف آرٽ ڪلچرل ۽ سوشل آرگنائيزيشن پاران سنڌ جي ناليواري پروڊيوسر ۽ هدايتڪار طاهر آرائين جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو.

جنهن ۾ اداڪارن، سماجي اڳواڻن ۽ صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ،مقررن طاهر آرائين  جي سنڌي ميڊيا ۽ سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ جي حوالي سان بهترين ھدايتڪاري عيوض ڪيل خدمتن تي روشني وڌي ۽ کيس سان ڀيٽا پيش ڪري سندس مغفرت لاءِ دعا گھري.

ان موقعي تي غلام علي سھتو، لطف علي سھتو، ممتاز علي ميمڻ، شفيق احمد کهڙو ۽ ٻين تعزيتي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته طاهر آرائين سنڌ واسين کي سنڌي ميڊيا ۽   انٽريٽمينٽ جي دنيا ۾ اتساھ پيدا ڪيو.

هنن چيو ته طاهر آرائين سنڌ جي فنڪارن اداڪارن ۽ راڳين کي ٽيليويزن اسڪرين تي متعارف ڪرايو ۽ سنڌي ثقافتي گيتن جي ڊاريڪشن ڏئي ڏيھ توڙي پرڏيهه ۾ شهرت ماڻي، هو اڄ به اسان جي دلين ۾ زنده آهي.

02

چانڊيا اتحاد پاڪستان جي  اڳواڻن پوليس هٿان قتل ٿي ويل نوجوان شهزاد چانڊيو جي قتل ۾ ملوث اهڪارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

گمبٽ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چانڊيا اتحاد پاڪستان جي مرڪزي اڳواڻن عبدالمالڪ چانڊيو , ضمير حسين ۽ رئيس خداڏنو چانڊيو  شهزاد چانڊيو جي قتل جي مذمت ڪندي چيو ته شريف آباد واري علائقي ۾ پوليس ھٿان قتل ڪيل نوجوان شھزاد ڇانڊيو واقعي کي 17 ڏينھن گذريل وڃڻ باوجود ملوث اھلڪارن خلاف ڪو به ڪيس داخل ناھي ڪيو ويو ۽ نه ئي واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

هنن چيو ته واقعي خلاف سنڌ اسيمبلي آڏو انصاف لاء ڌرڻو ھنيو پر چونڊيل نمائندن سميت ڪنھن به نوٽيس نه ورتو نه ئي متاثر خاندان سان ڪا ھمدردي ڪئي وئي، سپريم ڪورٽ ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو آهي ته نوٽيس وٺي ملوث اهلڪارن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائي نوجوان جي خون سان انصاف ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ سڄي سنڌ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

03

ڀان سيد آباد ۾ آبادگارن پاران پاڻي جي کوٽ خلاف ڌار ڌار ريليون  ڪڍي ڌرڻوهنيو ويو.

جوهي برانچ جي آبادگارن پاران پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن سڪندر جمالي، ميهر گاڏهي، واحد بخش جسڪاڻي، آچر خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ باء پاس روڊ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍ پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويو.

ٻي پاسي شهري ايڪشن ڪاميٽي ڀان سيدآباد پاران ڪاڪ محمد لغاري، محمد معشوق مجددي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بس اسٽاپ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته دائم برانچ،  ڀان مائينر شاخن ۽  جوهي برانچ ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪئي وئي آهي جنهن سبب آبادگار فاقاڪشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهن،.

آبادگارن الزام هڻندي چيو ته جوهي برانچ منڍ جي آبادگارن کان ڳري رشوت عيوض پاڻي وڪرو ڪيو پيو وڃي، پاڻي کوٽ سبب زمينون غيرآباد بڻجي ويون آهن جنهن جي ڪري آبادگارن کي ڪروڙين روپيا نقصان پهچي ٿيو آهي،

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته سنڌ جي آبپاشي وزير ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته پاڻي بحران جو نوٽيس وٺي آبادگارن کي فاڪاڪشي کان بچايو وڃي.

04

ميرپوربٺوري ۾ مير مرتضي ڀٽو ۽ سندس ساٿين جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پ پ پ شهيد ڀٽو پاران بک هڙتال ڪيمپ قائم ڪئي وئي.

پ پ پ شهيد ڀٽو ضلعي سجاول جي اڳواڻن حبيب الله ميمڻ، ملڪ حنيف بڪڪ، احمد پرهياڙ، ۽ ٻين جي  اڳواڻي ۾ مين بس اسٽاپ تي بک هڙتال ڪيمپ قائم ڪئي وئي.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته مير مرتضي ڀٽو جي عوامي سياست کان وائڙائپ جو شڪار ٿي ڳجهن هٿن هن کي  ۽ سندس ساٿين  کي ٽارگيٽ بناڻي بيگناھ قتل ڪري  ڪيس جون شاهديون لڪائي قتل ڪيس کي لئي مٽي ڪيو ويو،

هنن مطالبو ڪيو ته مير مرتضي ڀٽي جو ڪيس ٻيهر هلائي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.