فريد آباد لڳ دڪان کي کاٽ، سامان چوري

فريدآباد ( ن ع آ) فريدآباد  لڳ ڳوٺ کھڙا وليج ۾ نامعلوم چور واپاري گلزار احمد کوسو پٽ جيئند کوسو جي ڪرياني جي دڪان کي کاٽ  ھڻي گيھ ـ چانھ کنڊ ـ سگريٽ ـ بيٽري ۽ 20 ھزار روڪ رقم سميت 40 ھزار جو سامان کڻي ويا ـ جڏهن ته گلزار کوسو جي فرياد تي 2 نامعلوم چورن خلاف اين سي داخل ـ جڏهن ته ساڳي رات فريدآباد  شھر ۾ اڳوڻو يوسي ناظم غلام مصطفى چنا جي نامعلوم چور گھر ۾ گھڙي 30 ھزار جي موبائل فون ۽ 5000 ھزار روڪ رقم چوري ڪري فرار ٿي ويا ـ جڏهن ته ھڪ رات اڳ فريدآباد  شھر ۾ نامعلوم چور حڪيم سڪندر ڪرٽيو جي اسپتال مان سولر پليٽ ۽ پکو کڻي ويا ـ جڏهن ته فريدآباد  پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو ـ ھوڏانھن  فريدآباد  ۾ سياسي سماجي ۽ شھرين غلام مصطفى چنا ـ دڪاندار ايسوسشن جي صدر شفيق چنا چيو ته فريدآباد  ۾ بدامني وڌي وئي آهي بدامني خلاف احتجاج ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.