ڇا، بائيڊن افغان مسئلي جي ”چاٻي“ پيوٽن جي حوالي ڪري ڇڏي؟

تحرير: شهره پولاب

16- جون 2021ع تي سوئٽرز لينڊ جي شهر جنيوا ۾ بائيڊن جي پنهنجي روسي هم منصب ولاد مير پيوٽن سان ملاقات ٿي هُئي جنهن ۾ هُن کيس چيو هو ته ايندڙ ڪجهه مهينا ٻنهي ملڪن جي بهتر لاڳاپن لاءِ هڪ “ امتحان“ برابر هوندا. شايد افغانستان مان آمريڪا جي نڪري وڃڻ وارو عمل اهڙي امتحان جي عملي شڪل ٿي سگهي ٿو ، ڇو ته افغانستان مان آمريڪا جي نڪري وڃڻ وارو فيصلو هڪ اهڙو مرحلو آهي جنهن کي روس جي افغانستان ۾ موجودگيءَ جي ”چاٻي“ قرار ڏئي سگهجي ٿو. ملاقات دوران پيوٽن جو بائيڊن کي اها آڇ ڪئي هُئي ته آمريڪا افغانستان مان معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ وچ ايشيا ۾ روس جي فوجي اڏن کي استعمال ڪري سگهي ٿو، آمريڪا جي افغانستان مان نڪري وڃڻ کانپوءِ، آمريڪا کي افغانستان تي نظر رکڻ، ڊرونز جي استعمال، فوجين ۽ هٿيارن کي رکڻ لاءِ هڪ اڏي جي ضرورت ته برابر هُئي، پر پيوٽن آمريڪا کي اهڙي آڇ ڪري جهڙوڪر هڪ وڏي جيو پوليٽيڪل گيم لاءِ پهرين چال هلي هئي.

بائيڊن جي افغانستان مان فوجون ڪڍڻ واري عمل کي دهشت گرديءَ خلاف جنگ ۾ چين سان اسٽريٽيجڪ مقابلي جي طور تي آڏو آئي آهي، آمريڪا جو افغانستان مان فوجون ڪڍڻ جو مقصد اهو ٿيندو ته آمريڪا پنهنجي اسٽريٽيجڪ پوزيشن تبديل ڪرڻ گهري ٿو، ۽ اهڙي نموني آمريڪا دهشتگرديءَ خلاف وچ اوڀر ۽ آفريڪا ۾ دهشت گرديءَ خلاف پنهنجين ڪوششن کي اتان هٽائي ڏکڻ ايشيا ۽ بحرالڪاهل جي علائقي تي نظر رکڻ گهري ٿو .

يوروايشيا جي علائقي ۾ آمريڪا هڪ ئي وقت ٻن وڏن حريفن روس ۽ چين سان مقابلي ۾ آهي، جڏهن ته چين جي محاذ تي آمريڪا تائيوان جي حمايت ڪري رهيو آهي ۽ روس جي محاذ تي يوڪرائين ۽ ڪريميا جي حمايت ڪري رهيو آهي، انهن مسئلن تي دنيا جي انهن ٻنهي وڏين قوتن جا اختلاف ۽ ڇڪتاڻ جاري آهي، بائيڊن انتظاميا لاءِ ٻنهي وڏين قوتن سان منهن ڏيڻ ڪنهن قدر مشڪل آهي، آمريڪا جي لاءِ اها ڳالهه ضروري ٿي سگهي ٿي ته هو تائيوان جي معاملي ۾ چين ۽ يوڪرائن جي معاملي ۾ روس کي ڪنهن فوجي قوت استعمال ڪرڻ ذريعي روڪڻ لاءِ ڪو سخت ۽ وڏو قدم کڻي. اهو ئي سبب آهي ته موجوده صورتحال ٻنهي وڏين قوتن لاءِ خطري جو سبب بڻيل آهي ۽ علائقي جي سيڪيورٽيءَ لاءِ پڻ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي.

آمريڪا لاءِ اها دعوى ڪرڻ ڪنهن حد تائين درست ٿي سگهي ٿي ته، آمريڪا جي افغانستان مان نڪرڻ واري عمل سان آمريڪا کي اڀرندڙ چين خلاف طاقت جو توازن قائم رکڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي، چين جي افغانستان ۾ اقتصادي مفادن ليٿيم، ٽامي ۽ ٻين معدنياتي اسمن ۾ ان جي دلچسپي سان گڏوگڏ واخان راهداري جي ذريعي ٽرانسپورٽ کي وسيع ڪرڻ جي خواهش چين جي لاءِ اهم هُجي ۽ اهڙي ڪوشش چين کي هڪ اقتصادي مرڪز بڻائيندي هُجي.

دراصل اها مستقبل جي ورلڊ آرڊر جي هڪ جدوجهد آهي، جنهن ذريعي آمريڪا اڀرندڙ چين کي قابو ڪرڻ گهري ٿو ۽ ان مقصد لاءِ آمريڪا بحرالڪاهل جي علائقي ۾ جاپان، آسٽريليا ۽ هندستان سان ملي ڪري ” ڪوئڊ اتحاد“ قائم ڪيو آهي جڏهن ته آمريڪا ڏکڻ بحرالڪاهل ۾ به چين طرفان فوجي  اڏي قائم ڪرڻ تي به ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي، ٻئي طرف چين ان معاملي ۾ دٻاءُ قائم ڪري دنيا کي اهو ٻڌائڻ گهري ٿو ته آمريڪا نه صرف افغانستان مان پنهنجيون فوجون ڪڍيو آهن پر هاڻي تائيوان جي مسئلي تي به آمريڪا جو موقف ڪمزور ٿي رهيو آهي، اهڙي نموني آمريڪا جو هاڻي سڄي دنيا ۾ اثر ختم ٿيندو پيو وڃي.

گذريل جون ۾ بائيڊن ۽ پيوٽن جي وچ ۾ جيڪا ڳالهه ٻولهه ٿي هُئي ان ۾ افغان معاملو به ايجنڊا ۾ شامل هيو. افغانستان روس لاءِ هڪ انتهائي جيواسٽرٽيجيڪ اهميت وارو ملڪ آهي، جيڪو ڏکڻ جي سرحد جي حوالي سان انتهائي حساس ۽ اهم آهي ته وري اولهه جي ملڪن سان مقابلي جو ميدان پڻ آهي، روس هميشه افغانستان ۾ آمريڪا ۽ نيٽو جي فوجين جي موجودگيءَ جي حوالي سان انتهائي حساس رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو روس گذريل ويهن سالن کان علائقي ۾ پڻ هڪ طاقتور ملڪ جي حيثيت سان موجود رهيو، پر هاڻي جڏهن آمريڪا ۽ نيٽو جون فوجون افغانستان مان نڪري ويون آهن ته روس لاءِ هڪ دفعو وري افغانستان جي صورتحال روس کي هڪ طاقتور رانديگر جي حيثيت سان اڀرڻ جو موقعو مهيا ڪري رهي آهي.

جيتوڻيڪ ماسڪو ۽ بيجنگ افغانستان ۾ موجود هٿيار بند گروهن کي افغانستان کان ٻاهر نڪرڻ کان روڪڻ واري پنهنجي گڏيل مقصد تي اتفاق ڪن ٿا پر تنهن هوندي به روس چين جي ڪاررواين کي انتهائي ويجهڙائيءَ سان ڏسي رهيو آهي ۽ روس وچ ايشيا جي علائقي ۾ پنهنجي سيڪيورٽيءَ جي مقصد ۽ ڪردار کي هر صورت ۾ ادا ڪرڻ گهري ٿو ۽ روس اهو ڪڏهن به نه چاهيندو ته علائقي ۾ غير علائقائي فورسز ڪنهن به صورت ۾ موجود رهن، اهو ئي سبب آهي جو پيوٽن افغانستان مان معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ بائيڊن کي وچ ايشيا ۾ روس جا فوجي اڏا استعمال ڪرڻ جي آڇ ڪئي.

روس جي ڪوشش آهي ته شام کان وٺي ايران، افغانستان ۽ پاڪستان جي سرحدن تائين سڄي علائقي ۾ اولهه جي اسٽريٽيجڪ اثرن کي تمام وڏي حد تائين محدود ڪري، پر افغانستان مان آمريڪا جي نڪري وڃڻ ڪري اهو امڪان به پيدا ٿي پيو آهي ته افغانستان ۾ موجود دائش ۽ القائده جهڙين ويڙهاڪ تنظيمن پاران قفقاز ۽ چيچينيا ۾ روس خلاف جنگ ڪندڙ قوتن جي  مدد نه ڪئي وڃي، جيڪا مدد روس لاءِ مسئلا پيدا ڪري سگهندي، اهو ئي سبب آهي جو افغانستان تي روس جي ڪرڙي نظر آهي.

روس شام، ليبيا ۽ سڄي آفريڪا ۾ آمريڪا جي مفادن کي نشانو بڻايو آهي ڪريميا ۽ انهن جي پاڻين تي اتي جي سمنڊ جي وڏي حصي تي دعوى ڪرڻ ذريعي روس بحيره اسود ۾ پنهنجي فوج جي موجودگي وڌائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، اهو ئي سبب آهي جو روس بحره اسوده ۾ نوان فوجي اڏا جوڙڻ، فوج ۽ هٿيار جمع ڪرڻ ذريعي ان علائقي ۾ آمريڪا ۽ نيٽو جي خلاف طاقت جي توازن ۾ وڏي تبديلي آڻي ڇڏي آهي. هاڻي جيڪڏهن آمريڪا جلد ڪارروائي نه ڪئي ته روس بحره اسود کي ” روسي ڍنڍ“ بنائڻ واري پنهنجي خواب کي پورو ڪري وٺندو.

هاڻي موجوده صورتحال ۾ آمريڪا ۽ روس هڪ اهڙي پوزيشن ۾ اچي پهتا آهن، جتي معاملا ” ڪجهه ڏيو ۽ ڪجهه وٺو“ جي بنياد تي حل ڪري سگهبا آهن، اهڙي صورتحال ۾ آمريڪا ڪجهه اثر روس کي افغانستان ۾ ڏيڻ جي عيوض ممڪن آهي ته روس کان ڪجهه رعايتون ۽ اثر بحره اسوده جي علائقي ۾ حاصل ڪري وٺي. انهيءَ جي نتيجي ۾ اهو به ممڪن آهي ته روس، ڏکڻ ڪوريا جي حوالي سان آمريڪا جي وڌيڪ ۽ سخت پابندين جي حمايت ڪري، وينزويلا ۾ پنهنجي مداخلت گهٽائي سگهي ٿو ۽ ٻئي ملڪ دهشتگرديءَ خلاف جنگ، سائبر جاسوسي، يوڪرائن، ايران، شام ۽ ليبيا جي معاملن ۾  پڻ تعاون ڪن.

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.