شهدادپور مان گم ٿيل نينگر جو لاش هٿ، ڌرڻو

شھدادپور (ن ع آ ) شھدادپورجي چاڪي پاڙي مان ٻه ڏينهن اڳ گم ٿيل 5سالاٻارمحمد سبحان ولد شاڪر جو لاش پاڙي وارن بينظير پارڪ لڳ ڊسپوزل مان ڪڍي سرڪاراسپتال جي ايمبولنس ذريعي.کڻائي پريس ڪلب شھدادپور آڏو ۽ سٽي ٿاڻي آڏو رکي سخت احتجاج ڪيو احتجاج ڪندڙن جي اڳواڻي ايڊوڪيٽ ياسرنواز ميمڻ گڊو لغاري ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو ته پبلڪ هيلٿ ۽ بلديه جي ملي ڀڳت سان ٻارن جا لاش ملن پيا هنن چيوته ڊسپوزل تي چارديواري ۽ روشني جو ڪوبه انتظام نه آھي اسان اڳي انتظاميه کي چئي چڪا آھيون ته ڊسپوزلن تي چارديواري ڏياري عملو ويهاريووجي پر هنن ڪوبه ڌيان نه ڏنو ۽ اڄ پاڙي جي گم ٿيل ٻار جولاش مليو آھي  هن عمل ۾ ملوث ملازمن سان ڪابه رعايت نه ٿيڻ گهرجي ان موقعي تي مظاهرين سخت نعري بازي ڪئي ٻئي طرف فوتي نيگر جي ڏاڏي محمد اسلم جي فرياد تي پبلڪ هيلٿ جي ايس ڊي او ناصر شيخ ڊسوزل تي ڊيوٽي ڪندڙ  نامعلوم ملازم خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آھي.

ميان صاحب واسين سان ڪوئيٽا ۾حادثو، هڪ ڄڻو فوت

ميان صاحب ( ن ع آ ) ميان صاحب ڀرسان ڳوٺ پير شاھ جليل جا رهواسي ڳوٺاڻا پورهئي خاطر ڪوئيٽا وڃي رهيا هئا تہ ڪوئيٽا ڀرسان سندن گاڏي سان حادثو پيش  آيوجنهن ۾ هڪ پورهيت فضل بکراڻي فوت ٿي ويو ۽ غلام رسول بکراڻي ، شهزادو بکراڻي ۽ حبيب الله بکراڻي سميت 7 پورهيت زخمي ٿيا جن کي ڪوئيٽا ڀرسان مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو هوڏانهن ڪالهہ منجهند جو فوتي پورهيت جو لاش ڳوٺ آندو ويو جتي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.