پکو: آبادگارن پاران گھاڙ واھ ۽ گھنورشاخ جي پڇڙي ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف ڌرڻو

پکو لڳ آبادگارن پاران گھاڙ واھ ۽ گھنورشاخ جي پڇڙي ۾ زرعي پاڻي جي کوٽ خلاف مين انڊس ھاء وي روڊ تي ڌرڻو ھڻي پکو _ لاڙڪاڻو روڊ بلاڪ ڪري آبپاشي کاتي جي عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي، ڳوٺ ٻلھڙا وٽ گھاڙ واھ ۽ گھنور شاخ جي پڇڙي جي سوين آبادگارن ھٿن ۾ سڪل ٻيجارو ۽ ڪوڏرون کڻي مين انڊس ھاء وي روڊ تي رڪاوٽون وجھي ڌرڻوهنيو جنهن سبب ٽريفڪ جي اچ وڃ بند ٿي وئي، ان موقعي آبادگارن زبير ٻلھڙو , امام الدين , خيرمحمد , ميھر علي , محمد ظفر , علي محمد ٻلھڙو ۽ ٻين دانھيبدي چيو ته گھاڙ واھ ۽ گھنور شاخ جي پڇڙي ۾ پاڻي جي سخت کوٽ پيدا ڪئي وئي آھي جنھن سان پوکيل فصل ۽ ٻيجارا سڙي تباھ ٿي رھيا آھن پر آبپاشي عملدارن جي ڪن تي جونء به نٿي چري ، ھُنن وڌيڪ چيو ته شاخن جو آبپاشي عملدارن ڄاڻي واڻي پاڻي بند ڪري کوٽ پيدا ڪئي آھي، ھُنن دانھيو ته گھاڙ واھ ۽ گھنور شاخ ۾ پڇڙي تي زرعي پاڻي ناھي پھتو جنھن سان ننڍا آبادگار معاشي طور تباھ ٿي ويا آھن، ٻئي طرف ڌرڻي جو آبپاشي کاتي نوٽيس ورتو ۽ ايس ڊي او آبپاشي وسيم جوڻيجو ڌرڻي واري ھنڌ پھتو ته مڇريل آبادگارن گاڏي جو گھيراءُ ڪري سخت نعريبازي ڪئي جڏھن ته ايس ڊي او وسيم جوڻيجو آبادگارن سان ڳالھيون ڪري خاطري ڪرائڻ بعد روڊ کولرايو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.