گهوڙا ٻاري لڳ زيادتي بعد قتل ڪيل ٻارڙي جي امڙ کي گهران نيڪالي، احتجاج

ٺٽو/گھوڙاٻاري (نمائندا) 2 سال اڳ ور شھر ۾ 6 سالن جي ٻارڙي دعا ملاح کي وحشي جوابدارن پاران زيادتي ڪري بيدردي سان قتل ڪرڻ بعد جوابدار ڌر پاران نياڻي جي وارثن تي ڪيس تان ھٿ کڻڻ لاءِ دٻاءُ وجھي مقتولہ نياڻي جي امڙ کي سندس مڙس ٻن معصوم پٽن سميت گھر مان ڪڍي ڇڏيو، مقتولہ جي ماءُ صحافين وٽ پھچي انصاف سميت تحفظ جي گھر ڪري ڇڏي آھي. ان سلسلي ۾ 2 سال اڳ ور شھر ۾ زيادتي جو شڪار بڻجڻ بعد قتل ٿي ويل 6 سالہ معصوم نياڻي دعا ملاح جي ماءُ شيربانو ملاح پنھنجي ٻن معصوم پٽن مھتاب ۽ ممتاز سميت پنھنجي پيرسن امڙ راڄي ملاح سان گڏ صحافين اڳيان دانھيندي چيو آھي تہ 2 سال اڳ سندس 6 سالہ معصوم نياڻي دعا ملاح کي سندس وحشي چاچي ارشاد ملاح پنھنجي ساٿي سڪندر شاھ جي مدد سان گھران وٺي وڃي ور شھر ۾ ساڻس زيادتي ڪري کيس بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، جنھن جا ٻئي قاتل جوابدار ارشاد ملاح ۽ سڪندر شاھ جيل ۾ آھن، پر ھاڻي انھن جا ھمدرد اسانکي ڪيس تان ھٿ کڻائڻ لاءِ زير بار ڪرڻ سميت منھنجو مڙس الطاف ملاح منھنجي معصوم نياڻي جي قاتلن کي بچائڻ لاءِ مونکي ٻن معصوم ٻارڙن سميت پنھنجي گھر مان ڪڍي ڇڏيو آھي. مسمات شيربانو ملاح چيو تہ ھو پنھنجي نياڻي جي خون جو ڪنھن سان بہ سوڌو نہ ڪندي ھو ھر حال ۾ قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پھچائي سک جو ساھ پٽيندي، جنھن لاءِ وڪيلن سان صلاح مشورا جاري آھن، جلد الڳ عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائيندي. ھن وس وارن کان مطالبو ڪيو تہ ساڻس انصاف ڪري سندس معصوم نياڻي جي قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پھچائي قاتلن جي ساٿارين ۽ ھمدردن خلاف ڪاروائي ڪري کيس پنھنجي گھر مان بيدخل ڪندڙ قاتل جوابدارن جي ساٿي سندس مڙس خلاف پڻ ڪاروائي ڪري کيس تحفظ ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.