عادلپور لڳ زمين تي قبضو، فصل کي ساڙي ڇڏيو، احتجاج

عادلپور (ن ع آ) عادلپور ويجهو ڳوٺ  ڪپٽن عدالت خان ۾ خريد ڪيل زمين تي ڳوٺ نباهو چاچڙ جا ڪجھه بااثر ماڻھون قبضو ڪرڻ چاهن ٿا، قبضو نه ڏيڻ سبب هو هر سال اسان جي پوکيل فصل کي زهريلي دوان هڻي ساڙي ڇڏين ٿا، مسلسل ڪجھه ڏينهن کان رات جي پهر ۾ ڳوٺ نباهو چاچڙ جا بااثر چاچڙ  برادري  وانگار ڪري اسان جي تيار ٿيل ڦٽين جي 5 ايڪڙن ۽ سارين جي 5 ايڪڙن کي زهريلي دوان جو اسپري ڪري ساڙي ڇڏيو، فصل سڙڻ سبب اسان جو لکن رپين جو نقصان ڪري ويا ڪيترائي ڀيرا  حد جي پوليس کي اطلاع ڏيڻ باوجود هنن بااثرن خلاف ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي وئي، ڳوٺ نباهو چاچڙ جا ڪجهه بااثر  اسان جي گهرن ۾ هٿيارن جي زرو تي  موت مار ڌمڪيون ڏئي اسان کي لاڏائي اسان جي کاتي جي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهن ٿا، ان موقعي آرائين برادري جي محمد ايوب آرائين، اسلم ڀينڊر، محمد نعيم آرائين، نديم آرائين ۽  عورتن احتجاج ڪندي چيو ته اسان وڏي وزير،  ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل ايس ايڇ او عادلپور رضوان ناريجو سميت اعليٰ آفيسرن کان مطالبو ڪريو ٿا ته ڳوٺ نباهو چاچڙ جي چاچڙ  برادري جي ملوٽ بااثر ماڻھن خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.