غلام شاهه موري ۾اسڪول جي بجلي بند، شاگردن جو ڌرڻو

غلام شاهه موري (رپورٽ : فياض چانڊيو ) غلام شاهه موري  قيامت خيز گرمي سبب گورميينٽ بوائيز هائي اسڪو جا شاگرد ۽ استاد سراپا احتجاج بڻجي روڊ تي نڪري آيا  روڊ بلاڪ ڪري حيسڪو خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري حيسڪو خلاف نعريبازي ڪئي ۽ بجلي جي بحالي جو مطالبو ڪيو ان موقعي تي مظاهرين ايڇ ايم محمد جمن هليو سايئن عبدلقادر چانڊيو مهراڻ ٽالپر خالد چانڊيو مير عالم جمالي   ۽ شاگردن ميڊيا آڏو  دانهيندي چيو ته اهڙي قيامت خيز گرمي ۾ هٿرادو لوڊ شيڊينگ  اسانجو جيئڻ جنجال ڪري چڏيو آھي سخت گرمي سبب شاگردن جي تعليم متاثر ٿي رهي آهي ، ان موقعي تي گورميينٽ بوائيز هائي اسڪو غلام شاه موري جي ايڇ ايم محمد جمن هليو چيو ته مختلف ڳوٺن ۽ شھرن ڪنڊا سسٽم هلي رهيو آهي پر افسوس آھي ته اسڪول ٽائيم تي  ادران جي بجلي بند ڪري اسانجي معصوم ٻارن جو مستقبل تباه ڪيو پيو ونڃي، جيڪڏهن اسانجي جائيز مسئلي جو نوٽس نه ورتو ويو ته ٻي صورت مي حيسڪو آفس اڳيان درڻو هنيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.