ڄامشورو سنڌ يونيورسٽي ۾ مڪڙن جو عالمي ڏينهن، وي سي افتتاح ڪيو

ڄامشورو ( ڊ ر ) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي زولاجي شعبي پاران مڪڙن جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو، ان موقعي تي مختلف پوسٽرز جي نمائش پڻ ڪئي وئي. وائيس چانسيلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو پوسٽرز نمائش جو افتتاح ڪيو، ان موقعي تي زولاجي شعبي جي چيئرپرسن پروفيسر ڊاڪٽر ناهيد ڪاڪا، پروفيسر ڊاڪٽر رفعت سلطانه، پروفيسر ڊاڪٽر طاھرہ جبين، پروفيسر ڊاڪٽر اياز قادري، غلام نبي ڪاڪا ۽ ٻيا ڪيترائي ٽيچرز، آفيسرز ۽ شاگرد موجود ھئا،ان موقعي تي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو چيو ته زولاجي شعبي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران تحقيق ذريعي تيار ڪيل پوسٽر ڏسي کيس خوشي ٿي آھي، ھن چيو ته زولاجي جا شاگرد تخليقي ذھن جا آھن، جيڪي پنھنجن استادن جي رھنمائي ۾ بھترين ڪم ڪري رھيا آھن. ان موقعي تي متحرڪ محقق ۽ وفاقي حڪومت پاران مڪڙن جي حوالي سان سنڌ لاءِ فوڪل پرسن ڊاڪٽر رفعت سلطانه وائيس چانسيلر کي بريفنگ ڏيندي مڪڙن جي عالمي ڏھاڙي جي اھميت جي حوالي آگاھ ڪيو ۽ چيو ته مڪڙن جا ڪيترائي قسم آهن، جن مان لوڪسٽ فصلن، ٻوٽن ۽ وڻن لاءِ انتھائي خطرناڪ آھي، جيڪو گڏجي اڏامن ٿا ۽ ھڪ ڪلاڪ اندر فصلن جي ڀيل ڪري سگھن ٿا، پر مڪڙن جو گراس ھوپر قسم نقصانڪار ناھي ۽ نه ئي مڪڙ جو اھو قسم  ھجرت ڪري ٿو. بعد ۾ مڪڙن جي عالمي ڏھاڙي جي حوالي سان زولاجي شعبي پاران وڻڪاري پڻ ڪئي وئي. وائيس چانسلر ڊاڪٽر ڪلھوڙو ٻوٽو پوکي مھم جي شروعات ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.