هالا: پروگريسو الائنس جو اجلاس ، مٽياري جي مسئلن جي حل لاءِ 12 سيپٽمبر تي ريلي جو اعلان

ضلعي مٽياري جي ٻرندڙ مسئلن تي پروگريسو الائنس ضلعي مٽياري پاران مسلم ليگ فنڪشنل اڳواڻ نصير احمد ميمڻ جي ميزباني هيٺ ڪنوينر محمد موسي سيال جي صدارت  ۾ اھم گڏجاڻي ڪوٺائي وئي،. جنهن ۾ مسلم ليگ فنڪشنل، جماعت اسلامي، مسلم ليگ ن، جمعيت علماء اسلام، ايس ٽي پي، ايس يو پي، جسقم، ايس ٽي پي، جسمم سميت ضلعي جي مختلف پارٽين جي اڳواڻن نصير احمد ميمڻ، فقير محمد منصوري،حاجي سارنگ، منصور نواز ڀيون، وسيم احمد ٻگهيو، ڄام شوڪت ابڙو، رحمت الله ترڪ ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن گڏجاڻي کي خطاب ڪندي چيو ته ضلعو مٽياري موجوده حڪمرانن جي غلط پاليسين ۽ ڪرپشن جي ڪري تباھ ٿي ويو آهي، ضلعي مٽياري ۾ هٿرادو پاڻي جي کوٽ، منشيات، جوا،فحاشي جا آڏا، آڪڙا پرچي پوليس جي سرپرستي ۾ وڏي رشوت عيوض سرعام ھلي رھيا آھن،جنهن ڪري ضلعي اندر امن امان جي صورتحال انتهائي خراب ٿي وئي آهي ۽ ماڻهو پنهنجي گھرن ۾ به محفوظ نه آھن، ھنن چيو ته هتان جي مسئلن جي حل لاءِ  12 سيپٽمبر تي باب النوح گيٽ کان درگاھ سرور نوح تائين ھزارين ماڻھن جي احتجاجي ريلي ڪڍي ضلعي مٽياري ۾ حڪمرانن خلاف احتجاجي مظاهرن جو آغاز ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.