رتوديرو ، نوشھروفيروز ، ڪشمور ، ميرپوربٺورو ۽ قاضي احمد جون خبرون

رتو ديرو _ نئون ديرو روڊ تي ڳوٺ طيب لڳ هٿياربندن جي فائرنگ ،هڪ ڄڻو قتل

نوشھروفيروز : سولنگي برادري جي سڱاوتي تڪرار تان جهيڙي ۾ زخمي ٿيلن جي وارثن جو احتجاج

ڪشمور: سنگرار واسڻ نينگري جي  بازيابي لاءِ ھندو پنچائت ۽ مختلف تنظيمن جي ريلي

ميرپور بٺورو: پرائمري اسڪول جي  ڇت جا چاپڙ ڪرڻ سبب فرنيچر تباھ

قاضي احمد: يونين ڪائونسل قاضي احمد جي ملازم جو پگهار نه ملڻ خلاف احتجاج

1

رتو ديرو  نئون ديرو روڊ تي ڳوٺ طيب لڳ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو، رتيديري _ نئون ديرو روڊ تي ڳوٺ طيب لڳ سڱاوتي تڪرار تان ڳڙهي ياسين تعلقي جي ڳوٺ رضا محمد عيساڻي جي رهواسي عرض محمد پٽ عزيزالله عيساڻي کي هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، رابطو ڪرڻ تي پوليس جو چوڻ هو ته ڪار سوار هٿيار بندن فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪيو  بعد ۾ نوجوان ناري کي ڪار ۾ کڻي فرار ٿي ويا .

2

مورو گچيرو روڊ تي ٿيل سولنگي برادريء ۾ سڱاوتي تڪرار تان ٿيل جھيڙي ۾ زخمي ٿيل لياقت علي ۽ عمران عرف ببلو  جي وارث عورتن  صائمه سولنگي ۔بابرا ۽ مرد مختيار ۔ساجد دانش سولنگي پاران انصاف لاء نوشھرو فيروز نيشنل پريس ڪلب اڳيان قرآن شريف ھٿ ۾ کڻي احتجاج ڪيو ويو، ان موقعي تي عورتن الزام هنيو ته ٽپال کاتي جي ملازم اله رکيو سولگني  ھٿيار بند وٺي  گچيرو روڊ تي اسان جي گھرن ۾گھڙي  سڌيون گوليون ھڻي اسان جا مرد زخمي ڪري ڇوڪري کڻڻ جي ڪوشش ڪئي،  پنھنجي گولي لڳڻ سبب انهن ج و  ماڻھو قتل ٿيو آ جنهن کان پوء پوليس سان گڏجي اسان جي ماڻھو  کي کڻي ويا ، کين شڪ آهي ته کيس قتل ڪري ڇڏيو اٿن، هنن مطالبو ڪيو ته انهن جي مردن کي  ظاھر ڪري انصاف ڪيو وڃي .

3

ڪشمور ۾ سنگرار واسڻ پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ ھندو پنچائت سياسي سماجي تنظيمن طرفان ريلي ڪڍي وئي،ريلي ۾ ھندو پنچائت جي مکي اندر لعل ، راڪيش مڪريجا ،گنيش ڪمار سٽيزن ويلفيئر ايڪشن ڪاميٽي چيئرمين علي مراد چاچڙ شھري اتحاد جي افق بشير چنا ۽ مختلف تعليمي ادارن جي شاگردن پريا ڪماري جي  بازيابي جو مطالبو ڪيو ان موقعي ته سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته 10 محرم الحرام جي ڏهاڙي تي نامعلوم اغوا ڪار سبيل ھلائيندڙ پريا ڪماري کي اغوا ڪري ويا آهن پوليس نينگري کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي ، هنن مطالبو ڪيو ته پريا ڪماري کي بازياب ڪرائي وارثن ۾ پيدا ٿيل بيچيني ختم ڪئي وڃي،

4

ميرپوربٺورو جي يونين ڪائونسل ڪنڊور جي پرائمري اسڪول عثمان پرهياڙ ۾ صبح سوير ئي ٻارڙن جي اچڻ کان اڳ ۾ اسڪول جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا جنهن سبب اسڪول ۾ پيل فرنيچر تباھ ٿي ويو ، جڏهن ته شاگرد موجود نه هئڻ سبب ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو ، ان  سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي اسڪول جي استاد عبدالمجيد پرهياڙ ٻڌايو ته پرائمري اسڪول عثمان پرهياڙ ۾ 60 کان وڌيڪ ٻارڙا تعليم حاصل ڪري رهيا آهن ۽ ڪافي عرصي کان اسڪول جي حالت زبون ٿي وئي آهي جنهن بابت لاڳاپيل عملدارن توڙي ايجوڪيشن ورڪس کاتي کي بار بار درخواستون ڏنيون ويون آهن پر کاتي ڪابه دلچسپي نه ورتي ، هن مطالبو ڪيو ته اسڪول جي عمارت جي مرمت ڪرائي ٻارڙن جون حياتيون بچائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.

05

يونين ڪائونسل قاضي احمد جي ملازم محمد خان ملاح گذريل ستن مهينن کان پگھار نه ملڻ خلاف پريس ڪلب قاضي احمد پھچي احتجاج ڪندي دانهيندي  چيو ته 2010ع ۾ هن کي يونين ڪائونسل قاضي احمد ۾ نائب قاصد جي نوڪري ملي هئي پر اڃان تائين پڪو نه ٿو ڪيو وڃي جنهن جو ڪيس سنڌ هاء ڪورٽ ۾ هلندڙ آهي، هن ٻڌايو ته گذريل ستن مهينن کان هن جي  پگھار به بند ڪئي وئي آهي  ۽ جڏهن هو ڊيوٽي تي وڃي ٿو ته هن کان حاضري به نه ٿي ورتي وڃي ، هن مطالبو ڪيو ته ساڻس انصاف ڪري هن جي ڪٽنب کي بکون ڪاٽڻ تي مجبور نه ڪيو وڃي .

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.