سنڌ سڀا جو بيداري قافلو، ٺٽي، سجاول بعد گولاڙچي پهتو

ٺٽو/ گولاڙچي (رپورٽ: منصور جلالاڻي + عيدن زيندپور ) سنڌ سڀا پاران سنڌ ۾ ڌارين جي آباد ڪاري، قومي ڪارڪنن کي جبري طور کنڀي گم ڪرڻ سميت ڌارين کي ملڪيت خريد ڪرڻ ۽ ووٽ جو حق ڏيڻ خلاف سنڌ سڀا جي اڳواڻن انعام سنڌي، انجنيئر بشير احمد جوکيو، وقار خشڪ ۽ لطيف اياز پنھور جي اڳواڻي ۾ ڪراچي کان نڪتل بيداري قافلو سنڌ جي تاريخي شھر ٺٽي، سجاول کان ٿيندو گولاڙچي پهتو،  ان کان اڳ سياسي، سماجي تنظيمن ۽ شھرين گلن جي شاندار ورکا ڪري استقبال ڪيو ويو، پريس ڪلب ٺٽي اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو، جڏهن ته سجاول ۾ به زبردست آجيان ڪئي وئي، گولاڙچي جي جسقم آريسر اڳواڻ ناز نوتڪاڻي، قوم پرست ڪارڪنن سان گڏ قافلي جو استقبال ڪيو، ان موقعي تي خطاب ڪندي سنڌ سڀا اڳواڻ سنڌي انعام خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ڌارين آبادڪاري جو سلسلو بند ڪيو وڇي، ڌارين کان ملڪيت خريد ڪرڻ ۽ وڪري ڪرڻ جو حق واپس ورتو وڃي، هن چيو ته سنڌ م رهندڙ ڌارين کان ووٽ ڏيڻ جو حق واپس ورتو وڃي، سنڌ مان گم ڪيل نوجوانن کي ظاهر ڪيو وڃي، جبري طور گم ڪرڻ جو سلسلو ھاڻي بند ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته سنڌ ۾ زوالفقار آباد جهڙن سنڌ دشمن منصوبن کي رد ڪريون ٿا هن قسم جا منصوبا سنڌ دشمني آهي، سنڌي انعام جو وڌيڪ چوڻ هو ته بحريه ٽائون قبضي گروپ جو نالو آهي جيڪو سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جو ڪم ڪري رهيو آهي. واضح رهي ته سنڌ سڀاء جو قافلو سجاول کان گولاڙچي پھتو، جنهن کانپوءِ گولاڙچي کان ٿيندو بدين طرف روانو ٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.