افغانين کي واپس موڪليو وڃي: ڪرم وساڻ

حيدرآباد (رپورٽر)عوامي جمهوري پارٽي جو مرڪزي اجلاس مرڪزي صدر ڪرم حسين وساڻ جي صدارت هيٺ ٿي گذريو جنهن ۾ وشنو مل، مير خادم ٽالپر، نظير قريشي، ڊاڪٽر اسلم پرويز عمراڻي، سيد لعل شاه، شاه محمد انڊڙ، ڀائو درمحمد ٻرڙو، لعل محمد چانڊيو، قربان پنهور، آزاد جوڻيجو، ڪليم ملڪ، جاويد ڀٽي، دين محمد ڪلهوڙو، حاجن کوسو سميت ٻين ڪيترن ئي مرڪزي ميمبرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ عوامي جمهوري پارٽي جي ضلع اوڀر ڪراچي جي اڳواڻ غلام رضا جعفري جي والد جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو، اجلاس ۾ ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته بحريا ٽائون سميت ميگا پراجيڪٽس سنڌ جي وحدت تي وار آهن زين شاه سميت  باندي بڻيل اسيرن جا ڪوڙا ڪيس ختم ڪري آزاد ڪيو وڃي، هنن چيو ته سنڌ مان ڌارين جي آبادڪاري کي فوري طور روڪي سنڌ ۽ پاڪستان مان آيل سمورن افغانين کي نيڪالي ڏئي واپس افغانستان موڪليو وڃي،اجلاس ۾ محمد علي شاهه. عطاءِ الله مينگل.صحافي خدا ڏنو شاهه جي امڙ ۽ امير حيدرشاهه جي لاڏاڻن تي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪري ڏک جو اظهار ڪيو ويو

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.