ويوو ايڪس 70 سيريز جا فون ڪڏهن متعارف ٿيندا؟

 

ويوو ڪمپني ڪجهه ڏينهن کان پنهنجي ايڪس 70 سيريز فون متعارف ڪرڻ جي تيارين ۾ هئي.

ان حوالي سان هاڻي ٻڌايو ويو آهي ته اهي فونون 9 سيپٽمبر تي متعارف ڪرايو وينديون.

اهي فونون ڪمپني جون پهريون فونون هونديون جن ۾ نئين اميجنگ چپ وي 1 کي استعمال ڪيو ويو آهي.

ويوو جي نائب صدر ۽ سي او او هو بائيشيان تصديق ڪئي ته ايڪس 70 سيريز ۾ ڪمپني جي پهرين آءِ ايس پي چپ وي 1 موجود آهي.

هن ٻڌايو ته وي 1 مڪمل ڪسٽمائز سرڪٽ چپ آهي جيڪا اميجنگ ۽ وڊيو ايپس لاءِ بهترين معيار فراهم ڪندي.

ڪمپني موجب ان چپ جي تيار ڪرڻ تي لڳ ڀڳ ٻن سالن کان ڪم هلندڙ هو پر ان بابت وڌيڪ تفصيل نه ٻڌايا ويا.

ويوو جي ايڪس 70 سيريز کي 9 سيپٽمبر تي سڀ کان اڳ چين ۾ متعارف ڪرايو ويندو.

ان حوالي سان ليڪ ٿيل تفصيلن موجب اها سيريز ايڪس 70، ايڪس 70 پرو ۽ ايڪس 70 پرو پلس تي مشتمل هوندي جنهن ۾ 2K E5 ڊسپلي ڏنو ويندو.

ويوو ايڪس 70 پرو پلس جي پٺيان 4 ڪيميرائن جو سيٽ اپ هوندو جنهن ۾ مين ڪيمرا 50 ميگا پڪسل جو هوندو جنهن سان گڏ 48 ميگا پڪسل، 12 ميگا پڪسل ۽ 8 ميگا پڪسل ڪيمرا موجود هوندا.

ان ڪيمرا سيٽ اپ ۾ 5 ايڪس آپٽيڪل زوم جي سهولت موجود هوندي جڏهن ته 8K وڊيو رڪارڊنگ ڪري سگهجن ٿيون.

فون جي اڳيان 32 ميگا پڪسل ڪيمرا هوندو جڏهن ته 4430 ايم اي ايڇ بيٽري هوندي.

فون ۾ ميڊيا ٽيڪ جو ڊيمينسٽي 1200پراسيسر موجود هوندو.

ايڪس 70 ۾ 6.5 انچ جو فليٽ اموليڊ ڊسپلي جڏهن ته پرو ماڊل ۾ 6.56 انچ جو خم ايجز وارو اموليڊ ڊسپلي ڏنو ويندو.

ويوو ايڪس 70 پرو پلس ۾ 6.7 انچ جو وڏو ڊسپلي ڏنل آهي 120 هرٽز ريفريش اگهه سان گڏ هوندو جڏهن ته ڪواڪوم جي اسنيپ ڊراگون 888 تي مشتمل هوندو.

ويوو طرفان فونز کي عالمي سطح تي 10 سيپٽمبر تي متعارف ڪرايو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.