ڪابل ۾ طالبان جي خوشي ۾ ڪيل فائرنگ،17 شهري مارجي ويا

ڪابل(م ڊ) گذريل رات طالبان جنگجوئن پاران ڪابل ۾ ڪيل هوائي فائرنگ جي نتيجي ۾ 17 ماڻهو مارجڻ جا  اطلاع آهن، طلوع  نيوز مطابق ڪابل جي ايمرجنسي اسپتال ۾ 17 لاش ۽ 41 زخمي آندا ويا، گذريل رات پنجشير تي قبضي جي دعويٰ بعد طالبان جي ويڙهاڪن خوشي ۾ هوائي فائرنگ ڪئي، طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد پنهنجي جنگجوئن کي هوائي فائرنگ کان پاسو ڪرڻ جو چيو هو، هن  چيو ته هوائي فائرنگ بدران الله جو شڪر ادا ڪيو، اهي گوليون عام شهرين کي وڌيڪ نقصان پهچائن ٿيون،

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.