پنج شير ۾ ڇتي ويڙهه، نئين حڪومت جو اعلان ملتوي

ڪابل(م ڊ) افغانستان ۾ پنج شير وادي حاصل ڪرڻ طالبان ۽ مزاحمتي فورس ۾ ڇتي ويڙهه جاري آهي، جيڪا فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي. طالبان ۽ مزاحمتي فورس پنهنجي پنهنجي ڪاميابي جي دعويٰ ڪئي آهي. افغان طالبان دعويٰ ڪئي آهي ته انهن هن وقت تائين داخل نه ٿي سگهڻ واري وادي پنجشير جو ڪنٽرول به سنڀالي ورتو آهي. طالبان دعويٰ ڪئي آهي ته پنجشير وادي جي سمورن 34 ضلعن تي انهن جو ڪنٽرول آهي، طالبان ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻو افغان نائب صدر امر الله صالح تاجڪستان فرار ٿي ويو آهي. هوڏانهن قومي مزاحمتي فرنٽ افغانستان (اين آر ايف اي) جي پرڏيهي تعلقن واري سربراهه علي ميثم نذار پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته ميڊيا کي طالبان جي پروپيگنڊا تي يقين نه ڪرڻ گهرجي، پنجشير ۾ طالبان جي قبضي واري دعويٰ سچ ناهي، اين آر ايف بهادري سان مختلف جاين تي حملن کي ناڪام بڻايو آهي. هن چيو ته طالبان جي ڪجهه سئو هٿياربندن کي پنج شير ۾ گهيري ۾ آڻي ڇڏيو آهي، انهن جا هٿيار ختم ٿي رهيا آهن. خبرون هليون ته احمد مسعود ۽ امرالله صالح فرار ٿي ويا آهن، جڏهن ته امر الله صالح وڊيو ذريعي پنهنجي پنج شير ۾ موجودگي ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته ڏکي صورتحال ۾ آهيون پر هٿيار ڦٽا نه ڪنداسين. هوڏانهن طالبان سي پيڪ ۾ حصيداري جا خواهشمند آهن. امارت اسلاميا افغانستان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد اهو يقين ڏياريو آهي ته پاڪستان کي افغانستان کان ڪو به خطرو ناهي. اسلام آباد ۾ ”افغانستان جي گڏيل نئين تعمير“ جي عنوان هيٺ پاڪ افغان يوٿ فورم جي بين الاقوامي ڪانفرنس کي وڊيو لنڪ ذريعي خطاب ڪندي طالبان ترجمان چيو ته چين پاڪستان اقتصداي راهداري (سي پيڪ) ۾ واڌ ڪري ان کي افغانستان سان جوڙڻ  تمام ضروري آهي. ذبيح الله مجاهد جو چوڻ هو ته اميد ڪيون ٿا ته امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن ۽ ٻٽي واپار کي فروغ ڏيڻ لاءِ پاڪستان افغان عوام جي مدد جاري رکندو. افغانستان ۾ نئين حڪومت جو ٿيڻو ھو، ھن وقت تائين جي اطلاعن موجب نئين افغان انتظاميا جو اعلان ھفتي تائين ملتوي ڪيو ويو آھي.غيرملڪي خابرو اداري موجب افغانستان جي نئين انتظاميا جو اعلان جمعي نماز بعد ٿيڻو ھو، جڏھن ته طالبان ترجمان جو چوڻ آھي ته نئين انتظاميا جو اعلان ھفتي تائين ملتوي ڪيو ويو آھي. 03

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.