مدئجي لڳ ناريجا-جتوئي تڪرار جو نيبرو

پيرجوڳوٺ (ن ع آ) ڪنگري جي ڪچي فيض محمد ٻنڊو واري علائقي ۾ ناريجا ۽ جتوئي ڌرين ۾ هلندڙ خوني ڇڪتاڻ جو نبيرو مدئجي لڳ  ڳوٺ ترائي ۾ سردار همٿ خان ڪماريو ۽ سردار اظھر خان ڪماريو جي سرپئنچي ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ جتوئي برادري جي سردار عابد خان جتوئي، سردار حاجي ميرل خان ناريجو، سردار علي خان مستوئي ۽ ٻيا پڻ شريڪ ٿيا، ڌرين جا بيان ٻڌڻ بعد جتوئي برادري جي الھرکيو جتوئي چئن چڱن مڙسن کي چيو ته اسان ناريجا برادري جي قتل ٿيل شاگرد سڄڻ ناريجو، مولا بخش ناريجو، علي حسن ناريجو جي قتل توڙي گهرن مان ٿيل ڦرلٽ ۾ ملوث نه آھيون، جڏهن ته ناريجا ڌر جي چڱي مڙسن حاجي جان محمد ناريجو پاڪ ڪتاب تي چيو ته ناريجا برادري جي ماڻهن زخمي ٿيل جتوئي برادري جي عورت مٿان فائرنگ نه ڪئي هئي ۽ نه ئي هوءَ اسان جي هٿان زخمي ٿي هئي، سمورو معاملو شڪ جي بنياد تي هيو، ڌرين جا اهڙا بيان ٻڌڻ بعد جتوئي برادري جي گلاب جتوئي جي مٿي تي پاڪ ڪتاب رکي پاڻ کي بي ڏوھي قرار ڏنو چڱن مڙسن ناريجا برادري جتوئي برادري جي ماڻھن کي پاڪ ڪتاب تي ڀاڪر پارائي ٺاھ ڪرائي ڇڏيو ۽ ڌرين کي پابند ڪيو ته جيڪا به ڌر اڳرائي ڪندي ان مٿان 10 لک رپيه ڏنڊ وڌو ويندو. ياد رھي ته فيض محمد ٻنڊو واري علائقي ۾ ناريجا، اوڍا ۽ ڀٽا هلندڙ خوني تڪرار سبب جتوئي ۽ ناريجا برادري وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي هئي جنهن سبب ٻئي ڌريون هڪٻئي مٿان مختلف وقتن تي الزام هڻنديون رھيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.