جناح اسپتال ۾ سينيارٽي کي اهميت ملڻ گهرجي: ڊاڪٽر صغريٰ پروين

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جناح ميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال ڪراچي جي سرجري ڊپارٽمينٽ جي سربراهه ڊاڪٽر صغريٰ پروين چيو آهي ته جناح اسپتال ملڪ جي وجود ۾ اچڻ سان ئي قائم هئي، تڏهن ان ۾ ڊائريڪٽر جي پوسٽ تي مقرري جو ڪو مسئلو نه هوندو هو، جيڪو به سينيئر هوندو هو، بنا اشتهار يا شرطن جي مقرر ڪيوويندو هو، عوامي آواز سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر صغريٰ پروين اميد ظاهر ڪئي ته  ميرٽ ۽ سينيارٽي کي نظر ۾ رکندي جناح اسپتال جي ڊائريڪٽر جي پوسٽ لاءِ کيس موقعو ڏنو ويندو،هن چيو ته ڊاڪٽر سيمي جمالي جي مقرري سان  مسئلا پيدا ٿيا، هو پهرين ڊائريڪٽر هئي جيڪا پروفيسر نه هئي،  انيس ڀٽي کي هٽايو ويو، جنهن بهتر ڪم ڪيو هو، هن چيو ته طارق محمود سٺو پروفيسر آهي، هن فلاحي اداري کي هلائڻ واري ڪم کي اهميت ڏيندي جناح اسپتال جي ڊائريڪٽر طور مقرري کان انڪار ڪيو، شاهد رسول پرو وائيس چانسلر ۽ وقتي وائيس چانسلر به آهي، نه ٿي سمجهان ته هو ٻن پوسٽن هجڻ دوران ڪنهن ٻئي هنڌ ويندو، سنڌ حڪومت مان اميد آهي  ته ميرٽ ۽ سينارٽي کي اهميت ڏيندي ۽ جناح اسپتال جي ترقي لاءِ ڪم ڪندڙ کي مقرر ڪندي، هن چيو ته جناح اسپتال جي سينارٽي لسٽ ۾ ڏسجي ته پهرين نمبر تي آهيان ۽ 22 هين گريڊ ۾ به آهيان، مون کانپوءِ شاهد رسول آهي جيڪو سينارٽي ۾ هيٺ آهي، هو ڊائريڪٽر ڇو ٿو ٿيڻ چاهي يا سنڌ سرڪار کيس ڇو ٿي مقرر ڪرڻ چاهي ان تي ڪجهه نه ڳالهائينديس، هن چيو ته جناح اسپتال جي ڊائريڪٽر جي پوسٽ لاءِ مئنيجمينٽ جي ڊگري هجڻ لازمي نه آهي، مون کي ڊائريڪٽر ڇو نه ٿو مقرر ڪيو وڃي، ميرٽ تي لهان ٿي، سرڪاري ادارن مان اميد آهي ته اهي ميرٽ تي فيصلو ڪندي کيس مقرر ڪندا، سندس ريسرچ تي وڏو ڪم ٿيل آهي، موقعو ملڻ گهرجي، هن چيو ته انتظاميا طرفان جيڪا به ذميواري ملي اها مون بهتر نموني نڀائي، سينارٽي کي نظر ۾ رکي فيصلا ٿيڻ گهرجن، سڀني پوسٽن لاءِ سينارٽي کي نظر ۾ رکڻ ضروري آهي، هن چيو ته ڪورونا وبا ۾ به جناح اسپتال جو ڪم وڏو آهي، جناح جي ٽيم بهترين ڪم ڪيو آهي، مريضن کي تڪليف نه ڏني آهي، هن چيو ته ڪم ۾ گولڊميڊلسٽ آهيان، پروفيشن ۽ فيملي کي گڏ گڏ هلايو آهي، گذريل ڊائريڪٽرن به بهتر ڪم ڪيو ان کي وڌيڪ بهتر ڪنديس،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.