مينار پاڪستان واقعي جي جاچ رپورٽ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) مينار پاڪستان تي عورت کي هراسان ڪرڻ جي واقعي بابت آءِ جي پنجاب طرفان تيار ڪيل ڪميٽي رپورٽ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون آيا آهن.

رپورٽ موجب پوليس کي عورتن سان هٿ چراند جون 33 کان وڌيڪ ڪالز ون فائيو تي وصول ٿيون هيون ۽ ڪميٽي ميمبرن سڀني ون فائيو تي ڪالز ڪندڙن سان رابطو ڪيو.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 13 آگسٽ تي به گوڙ گهمسان جو واقعو پيش آيو ته پوليس موجود نه هئي، 14 آگسٽ تي ايس ايڇ او لاري اڏي سميت نفري مقرر هئي، عائشا اڪرم کي هجوم اڌ اگهاڙو ڪري تصويرون ٺاهيون، متاثر عورت جي ساٿي ۽ ٻين 16 ڪالز ڪيون پر پوليس نه پهتي.

انڪوائري رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عائشا جي ساٿي ريمبو ڊولفن اهلڪارن کي ڏسي کين سڏ ڪيو ۽ اهلڪارن عوام کي پوئتي هٽائي ڇڏيو، عائشا کي ٿاڻي ۾ هڪ ڪمري ۾ ويهاريو ويو ۽ ايس ڊي پي او سگريٽ ڇڪيندو رهيو، ايس پي سٽي فون تي آفيسرن کي معمولي واقعو قرار ڏئي حقيقتون لڪايون ۽ ايس ايس پي آپريشنز ۽ ڊي آءِ جي واقعي بابت آءِ جي کي آگاهه نه ڪيو.

لاهور جي اعليٰ آفيسرن ٻن ڏينهن کانپوءِ به آءِ جي کي واقعي کان لاعلم رکيو، آءِ جي طرفان پاڻ پڇا ڪرڻ تي انهن معمولي واقعو چئي ڳالهه ٽاري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.