جهونو جوڳي ۽ ڪرنٽ افيئر

تحرير: يار محمد شاهه

جهوني جوڳيءَ، ڪامريڊ سليم کي سمجهائيندي چيو ته ”اهو الله جو نظام آهي، ڪا شي ترقي ڪرڻ شروع ڪندي آهي، ته وڃي ترقي جي انتهائي حد تي پهچندي آهي، ۽ ڪا شي تباهيءَ ڏانهن شروع ٿيندي آهي ته وڃي تباهي جي آخري حد تي پهچندي آهي، پاڪستان ۾ ڪيئن سياسي لاهيون چاڙهيون ڏٺيوسين ۽ دنيا جي تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ صورتحال ڏسڻ نصيب ٿئي پئي، ۽ خدا ڪندو ته غريبن جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ وارا هميشه جي لاءِ نيست و نابود ٿي ويندا، ۽ قدرت شيطان کي به پنهنجي انتها ڪرڻ جو اختيار ۽ اجازت ڏيئي ڇڏي آهي، آسان لفظن ۾ ائين چئجي ته نيڪي جو بدلو نيڪي ۽ بديءَ جو انجام بدي هوندي آهي، اهو قدرت جو نظام آهي، اوچتو ڪي معجزا ٿيندا آهن ته انهن کي قدرت چئبو آهي، پر بدنصيبي اها آهي ته جيئن اسان ٻيا ڪتاب خرچ ڪري خريد ڪري، قيمتي وقت ڪڍي انهن جو مطالعو ڪري، پنهنجي علم ۾ اضافو ڪرڻ جي ڪوشش به ڪندا آهيون، ۽ شوق به رکندا آهيون، ۽ اهي رومانوي داستان يا سسپينس وارا واقعا اسان جي دماغ جي اسڪرين تي ڇپجي به ويندا آهن، ۽ پوءِ اسان روز مره جي ڪچهرين ۾ اهي قصا پيا ڪڍندا آهيون، پر الله جي عطا ڪيل ڪلام پاڪ کي ڪتاب سمجهي به نه پڙهي سگهيا آهيون، نه ان جي معني ڏي ڪو توجهه ڏيئي سگهيا آهيون.

تڏهن ڪامريڊ سليم چيو ته “جهونا جوڳي… اهي ملن مولوين واريون ڳالهيون ڪري پنهنجو وقت ظايع ڪين ڪر، ڇو ته اهو اسلامي نظام آڻڻ وارا طالبان ئي هن وقت عالمي سياست جو مهور رهيا آهن، ۽ عالمي قوتون به هنن جي هر حرڪت تي نظر رکندي، پٺيان پٺيان پيون هلن، طالبان کي افغانستان ۾ جڏهن مڪمل پاور ملندو تڏهن طالبان ان حيثيت ۾ هوندا جو سڀئي وڏيون قوتون ساڻن ائين ئي نڀائينديون، جيئن پاڪستان اعلانيه چئي ڇڏيو ته اسان آمريڪي مفادن جي جنگ لاءِ وري اڏا ڪونه ڏينداسون، اها انتها جي دليري هجي يا وقت جي حڪمت عملي هجي، پر خداوند عالم جيئن سڄي دنيا جو نظام ڪرونا جي ذريعي تيزي سان تبديل ڪري رهيو آهي، الزام سڄو يهودين تي پيو لڳي، جيڪي دجال جي اچڻ تي استقبال ڪرڻ جون تياريون ڪري رهيا آهن، ۽ پنهنجي نسل کي اهو خواب ڏيکاري رهيا آهن ته عنقريب پاڻ يهودي، قادياني دنيا تي حڪمراني ڪنداسون، سڀئي پنهنجي غلامي ۾ مقروض ۽ محتاج آهن ۽ رهندا، دنيا افغانستان ۾ اسان جي ايڪيهن سالن واري ڪاروبار کي جنگ سمجهي رهي آهي، جڏهن ته آمريڪا يا يهودين گڏجي جيڪا سرمائيڪاري ڪئي، تنهن ۾ ڪاروبار ئي ڪاروبار ۽ اها نقلي جنگين جي هار آمريڪا جو اسٽائيل آهي، جنهن ۾ هن جو مقصد وڏي پيماني تي حل ٿي ويندو آهي، ڪاروبار به ٿي ويندو، قدرتي وسيلن تي ڪنٽرول به ٿي ويندو، ۽ پنهنجا ماڻهو اهم جڳهين تي ويهارڻ ۾ به ڪامياب ٿي هميشه پنهنجيون پاليسيون ڪامياب ڪرڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪندا رهندا آهن، ان کان علاوه هن خطي جي سموري قدرتي وسيلن جي جانچ پڙتال ۽ انهن جا نشان وغيره لڳائي، پنهنجي ايندڙ نئين حملي جي لاءِ تياري ڪرڻ لاءِ واپس وڃي رهيا آهن، جنهن کان پوءِ قادياني ۽ يهودي واپاري سوچ هن خطي جي بلوچستان توڙي افغانستان ۾ قدرتي نعمتن وارن علائقن ۾ وڏي سيڙپڪاري ڪندا، جنهن سان هي علائقو خوشحال ٿي ويندو ۽ عمران خان جنهن سڄي دنيا کي پنهنجو قد بت ڏيکاري پاڻ مڃرائي ڇڏيو آهي، ۽ دنيا جون سڀ وڏيون طاقتون عمران خان کي پنهنجي ضرورت ۽ مجبوري سمجهڻ لڳا آهن، ان ڪري افغانستان ۾ جيڪا به تبديلي ايندي، ان ۾ عمران خان جي به رضا شامل هوندي، ۽ اهي قوتون جن اڃان تائين پاڪستان ۽ طالبان جي لاڳاپن جو ڀرم پي رکيو آهي، سي رکندا ايندا، ۽ ايندڙ تبديلي ۾ ڪابه وڏي پارٽي هاڻ نه سياست ۾ اڳيان آهي ۽ نه قوت ۾، ان ڪري عمران خان ئي پاڪستان جو نصيب آهي، باقي مهنگائي جو فارمولو عمران خان ڊسمبر کان لائونچ ڪندو، جنهن کان پوءِ مهنگائي ۽ بيروزگاري جو وڏي پيماني تي خاتمو ۽ ملڪي معيشيت جي خوشحالي ڏسڻ ۾ ايندي ۽ ڊالر واپس پوئتي هليو ويندو، وقت ٻڌائيندو.

تڏهن مواليءَ ٿڌو ساهه ڀريندي چيو ته نه آهن مرد ميدان ۾، تڏهن ٿا ڪانڊيرا به درخت ٿين، هن وقت ادارن سڀني کي ڇنڊي ڇاڻي جنهن دڪان ۾ سجائي ويهاري ڇڏيو آهي، ان دڪان جي در تي انهن جو ريٽ ۽ ويٽ جي تختي به لڳل آهي، ان ڪري هاڻ اها ڪا ڳالهه سمجهڻ ڏکي نه آهي ته ڪهڙي سياسي پارٽي ملڪ ۾ ڪيترو مقبول آهي، ۽ ڪيتريون قومي ۽ صوبائي سيٽون کڻي پاور ۾ حصيداري حاصل ڪرڻ جهڙي ٿي سگهي ٿي، اگهه سڀني جي درن تي لڳائڻ کان پوءِ به قوت ته قوت هوندي آهي، ان ڪري اهو فيصلو به انهن اختيارن هيٺان ٿيندو، ته عمران خان جيڪڏهن اڳتي اچي شهيد ڀٽي جي راهه وٺڻ ٿو چاهي ته به کٽي ويندو، پر جي وڏن وڏن جي حڪمت عمليءَ تحت وري ڪو نئون يو ٽرن ڏيئي، وقت کي ڪڍي ويندو، جيئن هينئر سنڌ تي حملو ڪري پ پ جا پير ڪڍڻ لاءِ ارباب ويچاري کي زحمت ڏنائين، جنهن کي پاڻ ئي رهڻ لاءِ گهر ڏيڻ لاءِ به تيار نه آهن، جنهن ڪري ارباب سڌو دانهن کڻي اسلام آباد پهتو، ادارن جي اها مشڪري سڀ سمجهن ٿا، ته ارباب عمران خان کي سنڌ مان ڪيترا ۽ ڪهڙا وڏيرا ڦيرائي ڏيندو، ۽ ڪهڙا ڪهڙا علائقا فتح ڪري ڏيندو، ۽ سنڌ جي سيوا ڪرڻ ۾ ڪيترو ساٿ ڏيندو، ان ڪري جن قوتن جا رويا اهڙا غير سنجيده هجن، ته پوءِ سمجهڻ گهرجي ته زرداري صاحب ۽ بلاول صاحب کي پرواهه نه آهي، ۽ ارباب آزمايل مهرو سنڌين جي محبت ۾ اڃان ايترو شامل نه ٿي سگهيو آهي، جيترو سنڌين جي دلين ۾ اڃان ڪاوڙ جي باوجود به آصف، بلاول ۽ پ پ جي حق ۾ محبت آهي، ان ڪري وفاق سنڌ جي حڪومت سان سڌي جنگ جوٽڻ جي موڊ ۾ آهي، ۽ اهو عمران خان جو سنڌ فتح ڪرڻ جو اعلان شروع ٿيڻ وارو آهي، پر في الحال قدرتي يوٽرن محرم جي صورت ۾ اچي ويو آهي، ۽ ان کان پوءِ جي صورتحال تي سنڌ جي بابت اهي حملا ڪيئن، ڪڏهن، ڪنهن سان گڏجي ڪجن، سنڌ جي سموري سياسي قوت جيڪا پ پ کان علاوه سنڌين وٽ مڃيل قوت آهي، سا ته ارباب سان وڏن جي حڪمت عملي تحت پليٽ فارم تي جدوجهد لاءِ تيسين گڏ هوندي، جيستائين وري نئين اليڪشن جا اعلان ٿين، ۽ نيون ٽڪيٽون ورهائجن، ۽ انهن ٽڪيٽن تي جهيڙي ۾ جيڪي جوان ميدان ڇڏي اچن، سي سڀ گڏ کڻي اسٽيبلشمينٽ پسند جي غير مستحڪم حڪومت ٺاهڻ ۾ ضرور ڪامياب ٿي ويندي.

تڏهن مون چيو ته اها اسٽيبلشمينٽ ئي آهي جيڪا هن وقت ۾ عالمي قوتن جي سڀني حملن کي منهن ڏيڻ سان گڏوگڏ گهرو ويڙهه کي به روڪيو بيٺي آهي، ۽ باقي بچيل سياسي قوت کي ايندڙ دور لاءِ سينگاري ۽ سنواري به رهي آهي، اها ڳالهه ڏسڻ ۾ اچي ٿي ته بلاول وڏي محنت سان تيار ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ڏيهي پرڏيهي قوتون ۽ حڪمتون پڻ شامل آهن، ۽ ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته بلاول جي حق ۾ عالمي ادارن وٽ جيڪي ووٽ وڌيا آهن، اهي ڀٽي ۽ شهيد بينظير جو تسلسل آهن، نه ڪي آصف زرداري جي جيڪا ڊرائنگ روم جي سياست ڪامياب آهي، اها وقتي ڪاميابي بعد جي دشمني ۾ تبديل ٿيو وڃي، ان کي دائمي قوت ڪڏهن به نه ملي سگهندي، پر هن وقت اها زرداري صاحب جي خوشنصيبي آهي جو سندس حڪمت عمليءَ کان سواءِ وڏن ادارن جي حڪمت عمليءَ ۾ بلاول جو نالو شامل ٿي ويو آهي، ۽ اهو اسان سنڌين کي وري به فخر آهي ۽ پيپلز پارٽي جي بگڙيل وڏيرن جي پٽڙن کان سواءِ سنڌ ۾ جيڪا قومي قيادت اڀري رهي آهي، ان ۾ اڪثريت نوجوانن، بيروزگارن ۽ ڏمريل سنڌين جي آهي، باقي پيپلز پارٽي جي حڪومت جا ۽ پ پ جي سياست جا ڏينهن ڳڻڻ وارا هاڻ ڪلينڊر تي نشان هڻي رهيا آهن، ۽ عالمي ۽ ديسي استحصالي قوتن جي عالمي ايجنڊا ۾ پيپلز پارٽي ۽ ان جي منشور ۽ قيادت جو خاتمو لکيل هو جيڪو هنن ڪري ڏيکاريو، ۽ هاڻ هن اليڪشن کان پوءِ پ پ سنڌ جي سنڌ ۾ سياست ڪري وري به نئون عرصو پنهنجي قوت سان ڪڍي سگهي ٿي، پر ادارن جا اهي آزمايل مهرا سنڌ جي تقدير بدلائڻ بدران سنڌ جي نوجوان کي بگاڙي رهيا آهن، اهي بيروزگار نوجوان جيڪي وڏيرن جي اجلاسن ۽ ميڙاڪن کي ڀرپور جذبي سان مان ڏين ٿا، جيڪو وڏيرا ڪيش ڪرائي پنهنجي ئي ڪتب آڻين ٿا، ۽ نوجوان ساڳين مسئلن جو شڪار ٿي، برائي جو ساٿ ڏيڻ ۾ مددگار ٿي معاشرو بگاڙي ٿو، وڌيڪ بگاڙڻ اتي ئي ٿي رهيو آهي، جتي جا اسڪول بند ڪيا ويا آهن، ماستر ۽ شاگرد دربدر آهن، ڪي گهر ويٺا پگهارون کڻن ۽ خانداني منصوبه بندي وانگر ڪوڙا فارم نالن سان ڀري، فائلن جو ڀيٽ ڀري ويٺا آهن، پر سنڌ سان وڏو ناحق آهي، ۽ سنڌ کي ان روش ۽ سوشل ميڊيا جيڪو نئون انقلابي شعور ڏنو آهي، ان کي سائنسي بنيادن تي ڪتب آڻي، اها باشعور قوت سنڌ جي حقن ماڻڻ لاءِ هڪ راهه تي هلڻ جي رهنمائي ڪري سگهي ٿي، ڇو ته ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته سنڌ جو عوام صرف پ پ جي نالي سان ٻڌل آهي، ڪردارن جي نفرت ۽ محبت سان گهٽ تعلق آهي، پر سنڌ جو وچولو ۽ سياسي طبقو ڄاڻي ٿو ته سنڌ جي صورتحال پ پ وارن ئي ايڏي خراب ڪئي آهي، جو اسان کي برابري حصو ۽ عزت ڏيڻ بدران اسان جو حق هر حال ۾ وفاق غصب ڪري، اسان کي اقليت ۾ آڻي، سنڌ جي سياست ۽ حڪومت مرڪز جي مرضي سان سندس اتحادين جي حوالي ڪئي وڃي، جيڪي پڻ مختلف پارٽين جو اتحاد هوندا، جن کي ان لائق بڻايو ويندو، ته اهي مهاجرن سان گڏ سنڌ جي حڪومت ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن، اهو آهي ايندڙ دور جو فيصلو ۽ اسان جو نصيب، پوءِ کٽن ڀاڳ.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.