اين سي او سي ۾ سياست جو ڪو به عمل دخل ناهي: اسد عمر

اسلام آباد(م ڊ)  وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته پاڪستان جي ڪورونا کي منهن ڏيڻ واري حڪمت عملي کي سڄي دنيا ۾ پذيرائي  حاصل ٿي آهي، ڇنڇر ڏينهن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته زميني حقيقتن جو گهرائي سان جائزو وٺڻ کان پوءِ فيصلا ڪيا ويا، اهي سڀئي فيصلا اهڙا پليٽ فارم تان ڪيا ويا جتي سڀ وفاقي، سول، ملٽري ادارا ۽ صوبا موجود هوندا آهن، هن چيو ته ان ڳالهه جو هڪ سال جي ڪارڪردگي بعد ڪنهن کي به شڪ نه هئڻ گهرجي ته اين سي او سي هڪ قومي پليٽ فارم آهي جنهن جي فيصلن ۾ سياست جو ڪو به عمل دخل ناهي ۽ سڀئي فيصلا صرف ۽ صرف قومي بهتري کي سامهون رکي ڪيا ويندا آهن، هن ٻڌايو ته اميد آهي ته سڀاڻي جي اين سي او سي جي اجلاس ۾ سنڌ حڪومت انهن سڀني معاملن تي وڌيڪ تفصيل ۾ مشاورت ڪندي ۽ مشاورت سان هڪ اهڙي حڪمت عملي جوڙي ويندي جنهن ۾ رياست جا سڀ ٿنڀ گڏجي سنڌ جي عوام جي صحت ۽ روزگار ٻنهي جو دفاع ڪندا، هن چيو ته انهن فيصلن تي عملدرآمد لاءِ اين سي او سي جي ٽيم صوبن سان گڏجي تفصيلي حڪمت عملي جوڙيندي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.