پاڪ سعودي ڪائونسل تي غور، ويزا پاليسي نرم ڪرڻ جي اپيل

اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم عمران خان سان سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان ملاقات ڪئي آهي، ملاقات ۾ پاڪ  سعودي لاڳاپن ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان سعودي فرمانروا شاهه سلمان ۽ ولي عهد محمد بن سلمان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ سعودي عرب ۾ رهندڙ پاڪستانين جي مدد لاءِ سعودي حڪومت جي ساراهه ڪئي. سرڪاري پڌرائي موجب وزيراعظم عمران خان مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ گڏيل سهڪار سان نوان رستا ڳولڻ، واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي جي شعبن ۾ وڏن امڪانن کي سمجهندي قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.پڌرائي موجب ملاقات دوران افغانستان جي صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم افغان ڌرين ۾ ٺاهه وارين ڳالهين جي شروعات تي زور ڏنو ۽ چيو ته افغانستان ۾ امن خطي ۾ امن امان جي حوالي سان ضروري آهي. هوڏانهن پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي اسان کي اميد آهي ته سعودي عرب پاڪستانين لاءِ ويزا پابندين تي نظرثاني ڪندو. پرڏيهي آفيس اسلام آباد ۾ سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزادي فيصل بن فرحان سان ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي شاهه محمود چيو ته سعودي عرب جي پرڏيهي وزير کي اسلام آباد ۾ ڀليڪار ڪيون ٿا، اسان ٻنهي ملڪن جي گڏيل لاڳاپن جو جائزو ورتو آهي، ان ڳالهه تي راضپو ڏيکاريو آهي ته پاڪ سعودي سپريم ڪوآرڊينيشن ڪائونسل  قائم ڪئي وڃي،. سعودي عرب ۾ رهندڙ 25 لک پاڪستاني اتي پنهنجي گلوڪارن جي پرفارمنس ڏسڻ چاهين ٿا، اميد آهي ته سعودي عرب پاڪستانين جي ويزا پابندين تي نظرثاني ڪندو.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.