مختلف تڪن مان بي ضابطگين جون شڪايتون مليون آهن: مريم اورنگزيب

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته آزاد جمون ۽ ڪشمير جي مختلف تڪن مان چونڊ بي ضابطگين جون شڪايتون آهن.

هڪ بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو آهي ته پولنگ ايجنٽن کي پولنگ اسٽيشنن ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ ۽ پولنگ بندش جون شڪايتون وڌنديون پيون وڃن، پولنگ اسٽيشن گرلز پرائمري اسڪول کنگڙهڙيوله (يوسي) ڪومي ڪوٽ وٽ ٻه ڪلاڪ پولنگ بند رهي.

هن چيو ته عورت ووٽرن سان توهين جوڳو ورتاءُ ڪيو ويو، عملي جي مدد سان پولنگ اسٽيشن اندر ٺپا هڻڻ جا اطلاع مليا آهن، جڏهن ته ايل اي 32 چڪار، ايل اي 33 گوهر آباد ۾ پي ٽي آءِ کانسواءِ ڪنهن جو به پولنگ ايجنٽ داخل ٿيڻ نه ڏنو ويو.

سندس چوڻ هو ته 2018 ۽ ڊسڪا اليڪشن جا حربا سرعام نتيجا ڏئي رهيا آهن، ڪا به اڻوڻندڙ صورتحال پيدا ٿي ته ذميوار عمران خان هوندو، اسان آزاد ڪشمير ۾ بي ضابطگين جي حوالي سان درخواستون اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.