پ پ جي حڪومت عورتن لاءِ ناسور بڻيل آهي:سنڌياڻي تحريڪ

حيدرآباد (پ ر) حيدرآباد ۾ بي دردي سان قتل ڪيل قرت العين جي قتل جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي   صدر سڀاني ڏاهري، زرقا هاليپوٽو، عمره سمون، مريم گوپانگ ۽ حسنه راهوجو چيو آهي ته عورتن لاءِ ناسور بڻيل هن جاگيردار، وڏيرڪي نظام جي نمائنده جماعت پيپلزپارٽي جي دور حڪمراني ۾ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان ڪارو ڪاري، عورتن مٿان تشدد، زيادتين جا واقعا وڌيا آهن جيڪي سنڌ سرڪار جي ناڪامي جو واضح ثبوت آهن. سنڌ پوليس عورتن کي قتل ڪندڙ، مٿن تشدد ڪندڙ ۽ ريپ ڪندڙ ڏوهاري گروپن جي ساٿاري بڻيل آهي. عورتن کي قتل ڪندڙن ۽ مٿن هر روز قيامت برپا ڪندڙ هن جاگيردار نظام کي جيسين نست و نابوت نه ڪنداسين تيسين هر آئي ڏينهن سنڌ اندر عورتن جي قتل، تشدد، اغوا، زيادتين جا واقعا وڌندا رهندا ڇاڪاڻ ته هن مردار جاگيرداري نظام اندر پوليس وڏيرن، وزيرن، مشيرن جي ونگار پئي وهي جيڪي ڏوهارين جا سرپرست آهن. اسين مطالبو ٿا ڪريون ته حيدرآباد اندر قتل ٿيل سنڌ جي نياڻي قرت العين جي قتل جي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سربراهي ۾ اعلى سطحي جاچ ڪري قتل ۾ ملوث ۽ ساٿارين کي قانون موجب سخت سزائون ڏنيون وڃن ۽ وفاقي توڙي صوبائي سرڪار پارليامينٽ اندر عورتن جي تحفظ لاءِ بهتر قانونساز ڪري.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.