پيرڳوٺ: پسند پرڻو ڪندڙ نوجوان جي گهر تي حملو، عورتن سميت 10 زخمي

پيرجوڳوٺ(رپورٽ:علي گل جوڻيجو) پيرجوڳوٺ لڳ ڳوٺ ڪوڏ ميتلو ۾ پسند جو پرڻو ڪندڙ نوجوان عبدالحميد ميتلو جي گهر تي برادري  جي ماڻهن حملي ڪيو ۽ هوائي فائرنگ ڪئي. نوجوان عبدالحميد ميتلو ۽ سندس زال منورِ ميتلو موجود نه هئڻ ڪري بچي ويا. جڏهن ته ڌرين جي سوين مردن ۽ عورتن ۾ جھيڙو ٿي پيو. ڪهاڙيون ۽ ڏنڊا لڳڻ ڪري 4 عورتن مسمات ڍائي ميتلو، حاڪم زادي، شمل ميتلو، صاحبان ميتلو، ڪيهر ميتلو، خدا بخش ابراهيم ميتلو ۽ ٻئي ڌر جو غلام قادر، احسان، شيرمحمد ميتلو سخت زخمي ٿي پيا. جن کي پهريان پيرجوڳوٺ ۽ بعد ۾ سول اسپتال خيرپور منتقل ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ ڪيهر خان ميتلو چيو ته 3 مهينا اڳ اسان جي نوجوان عبدالحميد ميتلو، ناري منور ميتلو سان پسند جو پرڻو ڪيو جنهن تي ناري منور جا سئوٽ عرض محمد، درمحمد ميتلو، گل محمد ميتلو مڇرجي پيا ۽ ٻنهي تي ڪارنهن جو بهتان مڙهي قتل ڪرڻ لاءِ اسان جي گهرن تي حملو ڪيو. ٻئي طرف ڪيترائي ڪلاڪ فائرنگ هلڻ سبب علائقي ۾ خوف حيراس پکڙجي ويو. ٻئي طرف عورتن ۽ مردن احتجاج ڪندي چيو ته خيرپور پوليس خاموش تماشائي بڻيل آهي. ۽ پوليس رتوڇاڻ وڌائڻ چاهي ٿي. ڇو ته ڪيترائي ڪلاڪ فائرنگ هلي پر پوليس نه پهتي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.