حج جي ادائيگي شروع، سڀاڻي وقوفه عرفه ادا ڪيو ويندو

مڪو ( م ڊ ) حج جي فرضن جي ادائيگي جو سلسلو ڪالهه کان شروع ٿي ويو، مسجد الحرام ۾ طواف دوران لبيڪ اللهم لبيڪ جون صدائون  بلند ٿي ويون، اڄ 8 ذوالحج تي حاجي منيٰ پهچندا جتي قيام ڪندا ۽ سڀاڻي سومر ڏينهن وقوفه عرفه ادا ڪندا، منيٰ ۾ خاص انتظام ڪيا ويا آهن، هن ڀيري ميدان عرفات ۽ مزدلفه لاءِ پيدل وڃڻ جي اجازت نه آهي، خاص بس سروس ذريعي حاجين کي نيو ويندو، ڪورونا پکڙجڻ جي خدشي سبب هلندڙ سال رڳو 60 هزار ماڻهو حج جي سعادت حاصل ڪري رهيا آهن، هلندڙ سال حج جو خطبو شيخ عبدالله المنيح ڏيندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.